بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪڏهن ختم ٿيندي؟

تحرير: غلام حسين جوڻو

 جڏهن  ملڪ جون واڳون جنرل پرويز مشرف جي هٿن ۾ هيون. ته بجلي جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي هئي. پر، ان وقت چوويهن ڪلاڪن مان صرف ٽي ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو وقت مقرر هو. ان تي به دانهون ڪيون وينديون هيون. ملڪ ۾ عوام جا واويلا متل هئا. نئين حڪومت آئي جنهن جون پاليسيون ساڳيون رهيون. صرف چهرا مٽيا. لوڊشيڊنگ به وڌي وئي. عوام لوڊشيڊنگ جي خلاف آواز بلند ڪيو. احتجاج به ڪيا ويا. جمهوري نظام جي ڪري عوام جي هڪ به نه ٻڌي وئي. لوڊشيڊنگ ته ختم ڪونه ٿي پر، ان جو دائرو وڌايو ويو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي. ڪيتريون ئي حڪومتون آيون. پر، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪونه ٿيو ۽ اهو آزار تيزي سان وڌندو رهيو. غريب عوام جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. هن وقت اها حالت آهي جو، ڪن علائقن ۾ ارڙهن ڪلاڪن کان به وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ته ڪن هنڌن ۽ ڳوٺن جي بجلي مورڳو ڪاٽي بند ڪئي ويئي آهي. تنهن هوندي به بجلي جا بل جاري ڪيا پيا وڃن ۽ اهي صارفين ڏانهن موڪلي بل جا پئسا ورتا پيا وڃن. جڏهن ته واپڊا کاتو ڪنهن جي به ڪونه ٿو ٻڌي. پاڻ ئي بادشاهه ۽ پاڻ ئي زورآور آهي. واپڊا انتظاميا وٽ ڪيترائي بهانا آهن. جيڪي ٻڌڻ سان حيرت ٿي ٿئي.

بجلي جي کوٽ جو هڪ اهم ڪارڻ اهو به آهي ته، واپڊا اهلڪار “ڪنڊا ڪلچر” متعارف ڪرايو آهي. ماڻهن کي بجلي جي ميٽرن بدران ڪنڊا هڻي ڏنا آهن. جن جا ماهوار پئسا ورتا پيا وڃن ۽ اهي پئسا سندن کيسي ۾ پون ٿا. جيڪي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪونه ٿا ڪرايا وڃن. اهڙي طرح ڪنڊن جي ذريعي جيڪا بجلي چوري ٿي رهي آهي. ان چوري جو ذميوار واپڊا کاتو خود آهي بجلي جا استعمال ٿيل چوري جا سمورا يونٽ ميٽر مالڪن تي لڳايا پيا وڃن. آئون سمجهان ٿو ته، اهو حشر سڄي ملڪ ۾ ئي آهي. پر، سنڌ ۾ ته جهرجهنگ بجلي جي چوري ڪئي پئي وڃي. شهر هجي يا ڳوٺ بجلي جا چور هر هنڌ موجود آهن. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ به هڪ اندازي مطابق سٺ لک کان وڌيڪ ڪنڊا لڳل آهن. اهڙي طرح سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ساڳئي حالت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ميٽر مالڪن گھٽجندا پيا وڃن. پر ڪنڊا سسٽم وڌندو پيو وڃي. اهڙي طرح بجلي جي چوري کلم کلا ٿي رهي آهي. بجلي جي تارن ۾ ڪنڊيون هنيون وڃن ٿيون جيڪي پري کان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انهن کي واپڊا انتظاميا به ڏسندي رهندي آهي. پر، عملدارن کي چوري جا پئسا ملي رهيا آهن. جنهن ڪري خاموشي اختيار ڪئي اٿن. ظاهر آهي ته، جتي بجلي جي چوري ٿي رهي آهي. اتي ان جي کوٽ ته پيدا ٿيندي. نتيجي ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي جيئن ئي بجلي جي چوري وڌي رهي آهي. کوٽ اوتري ئي وڌندي پئي وڃي ۽ لوڊشيڊنگ جي پيرڊ ۾ به واڌ اچي رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو حڪومت کي بجلي جي مد ۾ کربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري ان کاتي جا گوڏا کُپي ويا آهن. هي کاتو هاڻ خساري ۾ وڃي رهيو آهي. اهو نفعي بخش ڪونه رهيو آهي. سرڪاري بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون به بي ايماني ڪري رهيون آهن. غير منصفانه ورڇ ڪنديون رهن ٿيون. ان ورڇ ۾ غريب ماڻهن جن جو تعلق ٻهراڙين سان آهي تن کي هٿ وٺي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ بجلي جي سهولت کان محروم رکيو پيو وڃي.

بجلي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ جي ڪري اسان جي صنعت ترقي ڪري ڪانه سگھي آهي. پر، اها تباهي جي طرف ڌڪجندي پئي وڃي. هيل تائين ڪافي ڪارخانا بند ٿي ويا آهن. اسان نوان ڪارخانا ته قائم ڪري ڪونه سگھيا آهيون. پر، پراڻن ڪارخانن کي به مجبوريءَ ۾ بند ڪيو پيو وڃي. اها حالت ڏسي اهو چئي سگھجي ٿو ته، ملڪ ترقي جي راهن تي گامزن ڪونه آهي. ترقي ڪوهين پري ٿيندي پئي وڃي. بجلي نه هئڻ ڪري ملڪ روشنين مان اونداهين ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. بجلي ملڪي ترقي جي علامت ۽ نشاني آهي. واپڊا کاتي ۾ ايتريون ته ڪاريون رڍون آهن. جن جو ڳاڻاٽو ڪري نه ٿو سگھجي. ٻين کاتن جي ڀيٽ ۾ اهي هن کاتي ۾ وڌيڪ سرس ۽ سوايون آهن. جن هڻي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. کاتي کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ئي نه ٿو ڏنو وڃي. بس، مڙئي گاڏو گهليو پيو وڃي. اهو حال ائين برقرار رهيو ته، واپڊا کاتي تان به آسرو لاهڻو پوندو. مسلمانن جو ملڪ آهي. اڪثر ڪري نمازن ۽ عبادتن جي وقتن تي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. منجهند جو آرام ڪرڻ جو وقت آهي. ان مهل به بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. جنهن ڪري عوام جي آرام ڪرڻ ۾ خلل پئجي ٿو. مطلب ته ضرورت وقت بجلي غائب رهي ٿي يا ان جي اکٻوٽ شروع هوندي آهي. جنهن ڪري ڪافي دشواريون ۽ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. ڪڏهن ڪو جهڙ جو ڪڪر ٿيو ته به بجلي بند ڪئي ويندي آهي. بوندا باري جي سبب جي ڪري به بجلي جي فراهمي بند ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته ڪو ٿنڀو به ڪونه ڪريو ۽ نه وري ڪا تار ٽٽي تنهن هوندي به بجلي ڪونه ڏني ويندي آهي. يا ڪيترائي بهانا ٻڌائي ماڻهن کي خاموش ڪرايو ڇڏين. اهڙين صورتن ۾ به بجلي جي بچت ٿئي ٿي. کپت مورڳو ڪونه هوندي آهي. تنهن هوندي به لوڊشيڊنگ جو آزار ختم نه ٿو ٿئي. اهو ساڳيو برقرار رهي ٿو. هن وقت سولر سسٽم متعارف ٿي چڪو آهي. هر هنڌ سولر پليٽون، پنکا، پاڻي جا موٽر ۽ ٽيوب ويل وغيره ان سسٽم موجب هلي رهيا آهن. غريب غربو سولر پليٽ ۽ پنکو وٺي هن شديد گرمي ۾ گذارو ڪري پيو. سولر سسٽم ماڻهن جون مشڪلاتون آسان ڪري ڇڏيون آهن. ڏکيائيون ۽ تڪليفون دور ٿي رهيون آهن. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. شاخن ۽ واٽرن ۾ پاڻي بلڪل ڪونه آهي. نهري پاڻي نه هئڻ ڪري هتان جي زراعت کي وڏو ڌڪ رسي پيو. پر،  هاڻ آبادگارن ۽ زميندارن پاڻي جا ٽيوب ويل سولر پليٽن تي هلائي رهيا آهن. زرعي فصلن کي پاڻي ڏيئي رهيا آهن. جنهن تي زراعت ٿي رهي آهي. شڪر آهي وري به زراعت تباهي کان بچي وئي آهي. اهي ٽيوب ويل هلائڻ سان آبادگارن جو خرچ به گھٽيو آهي. هاڻ، ان صورت ۾ به بجلي جي بچت ٿي رهي آهي. کپت گھٽ ٿيندي پئي وڃي. بجلي جو گھٽ استعمال ٿي رهيو آهي. پوءِ خبر ناهي ته بجلي ڪٿي استعمال ٿي رهي آهي. بجلي جي بچت ڇو نه ٿي ٿئي ۽ ساڳئي لوڊشيڊنگ جاري و ساري آهي. پندرهن ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. اهڙي کوٽ ڇاجي ڪري ٿي آهي. جو ملڪ جي استعمال جيتري بجلي به ڪونه آهي. هر علائقو لوڊشيڊنگ جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. آئون هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته نه رڳو سولر سسٽم جي ذريعي ضرورتون پوريون ڪيون پيون وڃن. پر، يو پي ايس ۽ جنريٽر به ڪجهه وقت لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ اهي به ڏاڍا ڪارائتا ثابت ٿيا آهن. اها به اميد اٿئون ته سائنسدان اڳتي هلي اڃا وڌيڪ کوجنا ڪري اهڙِيون نيون ايجادون متعارف ڪرائيندا جن مان عوام وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري سگھندو. ۽ بجلي جي بدران اهي اوزار استعمال ڪري سگھبا. ياد رهي ته سائنس جو اهو علم آهي جيڪو ناممڪن کي ممڪن بنائي ٿو ۽ مشڪل کي آسان ڪري ٿو. جنهن جا مثال سڀني جي اکين آڏو آهن. اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي حقيقتون آهن. پر، هن وقت سوال ٿو پيدا ٿئي ته، منهنجي سمجهه موجب بجلي جي استعمال ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي ته پوءِ، لوڊشيڊنگ ڪڏهن ختم ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.