ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته سڪيورٽي خدشن کان پاڪ علائقن ۾ موبائل انٽرنيٽ فوري بحال ڪئي وڃي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ بندش جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته چاليهي جي سيڪيورٽي سبب 31 آگسٽ تائين سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، پر عدالت پڇيو ته ڇا خطرا سڄي بلوچستان ۾ آهن؟ جنهن تي جواب مليو ته خدشا رڳو مخصوص علائقن ۾ آهن. عدالت صوبائي حڪومت کي بندش واري فيصلي تي نظرثاني ۽ 21 آگسٽ تي ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.