ڪراچي ۾ امام حسين جي چاليهي جو مرڪزي جلوس برآمد، سيڪيورٽي سخت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ امام حسين جي چاليهي جو مرڪزي جلوس برآمد ٿيو، ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس کان اڳ نشترپارڪ ۾ مجلس برپا ڪئي وئي، اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاڪستان ڪراچي ريجن طرفان مرڪزي جلوسِ اربعين جي موقعي تي نمازِ باجماعت جو انتظام ڪيو ويو. نماز جي امامت حجت الاسلام والمسلمين مولانا ناظر عباس تقوي بندوخان هوٽل، مين ايم.اي. جناح روڊ تي ڪرائي.  نمازِ باجماعت ۾ هزارين عزادارنِ سيدالشهداءِ نمازِ ظهرين ادا ڪئي. دورانِ نماز مرڪزي صدر آءِ ايس او پاڪستان فخر عباس نقوي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اربعين امام حسين هڪ عالمي تحريڪ آهي جيڪا ڪربلا کان ظهورِ امام مهدي عجل الله فرجه تائين جو رستو آهي. عراق ۾ لکين زائرين نجف ۽ بصره کان پيادل ڪربلا طرف مارچ ڪن ٿا، جڏهن ته لکين عاشقانِ اهلِ بيت دنيا ڀر کان ڪربلا معليٰ جو رخ ڪن ٿا ۽ امامِ وقت سان تجديدِ عهد ڪن ٿا. هن چيو ته افسوس جو مقام آهي ته پاڪستان ۾ هن سال هن عظيم اجتماع کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن سبب هزارين زائرين اربعين لاءِ عراق روانا نه ٿي سگهيا. پاڪستاني شهرين کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ حڪومت جو آئيني فرض آهي. پنجاب سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مشي اربعين کي روڪڻ جي ڪوشش اهو ثبوت آهي ته دشمن اڄ به نالي حسين کان ڊڄي ٿو. عالمي حالتن تي ڳالهائيندي فخر عباس نقوي چيو ته اربعين هڪ عالمي نهضت آهي ۽ رهبرِ معظم آيت الله سيد علي خامنه اي ان جا قائد آهن. اڄ عالمي سطح تي اسلامي تحريڪن جي منظم اڳڀرائي سبب آمريڪا ۽ اسرائيل بوکلاهٽ جو شڪار آهن. جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته حزب الله کي غير مسلح ڪري سيد حسن نصرالله جي مشن کي روڪي سگهجي ٿو ته اها سندن ڀل آهي. جبري گمشدگين بابت هن چيو ته پاڪستان کي آزادي حاصل ڪيا 78 سال گذري چڪا آهن ۽ هي ملڪ دنيا جي نقشي تي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم رياست طور موجود آهي، پر افسوس اڄ به هن قوم جي پٽن کي جبري طور لاپتا ڪيو وڃي ٿو. ڪيترن سالن گذرڻ باوجود انهن جو ڪو پتو نٿو ملي، ۽ خانوادگانِ شيعه لاپتا فرد شديد ڪرب ۽ تڪليف ۾ آهن. ڪيترن قيدين جا والدين هن دنيا مان رخصت ٿي چڪا آهن. اسان جو مطالبو آهي ته سمورن بيگناهه قيدين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. سنڌ جي  گھرو وزير  ضياءِ الحسن لنجار سي پي او ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو. چهلم حضرت امام حسين جي مناسبت سان جلوسن جي سيڪيورٽي مانيٽرنگ جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي ڪيمرائن جي مانيٽرنگ ۽ بعد ۾ ٻين ضروري سيڪيورٽي معاملن بابت بريفنگ ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.