دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سريلنڪا جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ساليه سمن تي ميچ فڪسنگ ثابت ٿيڻ تي 5 سالن جي پابندي لڳائي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، 39 ورهين جي اڳوڻي سريلنڪن ڪرڪيٽر ساليه سمن کي ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي سڀني فارميٽس جي ڪرڪيٽ کان 5 سالن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.
ساليه سمن کي 2021ع جي ابوظهبي ٽي 10 ليگ ۾ ميچ فڪس ڪرڻ سميت 3 الزامن هيٺ قصوروار قرار ڏنو ويو.
کيس ميچ فڪسنگ، ٻين رانديگرن کي انعام جي بدلي فڪسنگ لاءِ راضي ڪرڻ ۽ ڪنهن رانديگر کي ضابطي جي ڀڃڪڙي لاءِ ورغلائڻ قرار ڏنو ويو.
اي سي بي جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي سبب ساليه سمن کي ڏوهاري قرار ڏئي مٿس 5 سالن لاءِ پابندي لڳائي وئي آهي.
پڌرائي موجب، ساليه سمن انهن 8 ماڻهن مان هڪ آهي، جن تي سيپٽمبر 2023ع ۾ ظابطن جي ڀڃڪڙي جا الزام لڳايا ويا هئا.
ساليه سمن 101 فرسٽ ڪلاس ۽ 77 لسٽ اي ميچون کيڏيون، سندس ميچ فڪسنگ جي ڪوششن کي آءِ سي سي ۽ ايونٽ جي نامزد اينٽي ڪرپشن آفيسر ناڪام بڻائي ڇڏيون.
ساليه سمن جي پابندي 13 سيپٽمبر کان لاڳو هوندي، يعني اهو ڏينهن جڏهن هو عبوري طور معطل ڪيو ويو، يعني هو ٻه سالن تائين سزا ڀوڳي چڪو آهي.
You might also like