روهت شرما جو ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ بابت پنت سان صلاح مشورو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت 2024ع ۾ روهت شرما جي قيادت هيٺ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيو هو ، جنهن کانپوءِ هن مختصر فارميٽ واري ڪرڪيٽ مان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
پر هاڻ ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت انڪشاف ڪيو آهي ته روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ تان پنهنجي رٽائرمينٽ بابت کائنس صلاح مشورو ورتو هو.
رشڀ پنت جمعي ڏينهن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جيڪا آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي فائنل ۾ فتح وقت رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
اِها وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، وڊيو ۾ روهت شرما رشڀ پنت کان سڌو سوال پڇي ٿو ته ” ڇا ريٽائرمينٽ وٺان؟“
روهت شرما جي سوال ۽ رٽائرمينٽ جي منصوبي تي ٻنهي رانديگرن ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي، جنهن مداحن کي جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
وڊيو ۾ پنت، رويندر جاڙيج، شُڀمَن گِل، ويرات ڪوهلي، شرياس ائير، ارشديپ سنگهھ، ڪُلديپ يادو ۽ اڪشر پٽيل جي چهري جا تاثر واضح آهن، جڏهن اِهي روهت شرما جي ويجهو آيا کائنس پڇيو ته ” ڀائي، اسٽمپ کنيون ڪيڏانهن پيو وڃي؟ .“
ان تي چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح ڪپتان مرڪندي جواب ڏنو ” ريٽائرمينٽ وٺان ڇا؟“ ۽ ان سان گڏوگڏ چيو ته ” هر ڀيري کٽنداسين ته هر ڀيري ريٽائرمينٽ ٿوڙئي وٺندس.“
ان تي رشڀ پنت جواب ڏنو” اسان ته توهان کي کيڏندو ڏسڻ چاهيون ٿا.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.