سون اگهه ۾ مسلسل لاٿ، سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ نمايان لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون 900 رپيا سستو ٿيڻ کان پوءِ 3 لک 46 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 771 رپيا گهٽجڻ بعد 3 لک 5 هزار 385 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 9 ڊالر گهٽجي 3335 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.