لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽس 2025-26 بابت وڏين تبديلين جو امڪان گهٽ آهي.
ذريعن موجب، ڪوچز، ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس، فنانس ۽ انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي وچ ۾ سينٽرل ڪانٽريڪٽس بابت مشاورت حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي منظوري کا پوءِ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو اعلان ڪيو ويندو، هي ٽن سالن واري مالي ماڊل جو آخري سال آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀ کان وڌيڪ تبديليون ڊي ڪيٽيگري ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي رانديگرن جي رخصتي يقيني ٿي وئي آهي، جڏهن ته نون رانديگرن کي موقعو ملندو ۽ ڪجهه کي پهريون ڀيرو سينٽرل ڪنٽريڪٽ ملي سگهي ٿو.
اطلاعن موجب، اهي رانديگر جيڪي ٽنهي فارميٽن مان ڪنهن به فارميٽ جو حصو نه رهيا آهن، تن جي به نيڪالي يقيني آهي.
حسن نواز، محمد حارث، سفيان مقيم، حسن علي، فهيم اشرف ۽ فخر زمان کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، حسين طلعت، خوشدل شاهه، محمد نواز ۽ صاحبزادا فرحان جا نالا به غور هيٺ آهن ۽ انهن جي شموليت جو امڪان موجود آهي.
ٻئي پاسي عامر جمال، محمد حريره، حسيب الله عثمان خان ۽ محمد علي لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ جاءِ ٺاهڻ ڏکيو نظر اچي رهيو آهي.