خيبرپختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ 320 کان ٽپي ويو، سياحن کي اترين علائقن جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت

پشاور (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) خيبر پختونخوا گذريل 48 ڪلاڪن دوران برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا .
اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، خيبر پختونخوا ۾ برساتن، ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ آسماني کنوڻ ڪِرڻ سبب 321 ماڻهو فوت ۽ 28 زخمي ٿيا آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته اين ڊي ايم اي خيبر پختونخوا حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ پي ڊي ايم اي، پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميا امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀئي ادارا سرگرم آهن.
ترجمان موجب، اترين علائقن ۾ امڪاني برساتن جي صورت ۾ لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا وڌيڪ وڌڻ جو انديشو آهي،
ترجمان ماڻهن کي اپيل ڪئي ته برساتن ۽ ٻوڏ دوران محتاط رهن ۽ حفاظتي اپاءَ وٺن، جڏهن ته سياحن کي صلاح ڏني وئي آهي ته ايندڙ 5 کان 6 ڏينهن تائين اترين علائقن جو سفر نه ڪن.
ٻئي پاسي صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موجب، برسات ۽ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ هنيئر تائين 307 ماڻهو فوت ٿيا، جن ۾ 279 مرد، 15 عورتون ۽ 13 ٻار شامل آهن، حادثن ۾ 23 ماڻهو زخمي ٿيا، جن ۾ 17 مرد، 4 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن.
پي ڊي ايم اي موجب، برساتن ۽ ٻوڏ سبب مجموعي طور تي 74 گهر متاثر ٿيا، جن مان 63 جزوي ۽ 11 مڪمل طور تباهه ٿيا، حادثا سوات، بونير، باجوڙ، تورغر، مانسهرا، شانگلا ۽ بٽگرام ۾ پيش آيا.
صوبائي اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر ضلعن لاءِ 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جن مان بونير لاءِ 15 ڪروڙ، جڏهن ته باجوڙ، بٽگرام ۽ مانسهرا لاءِ 10، 10 ڪروڙ ۽ سوات لاءِ 5 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.
خيبر پختونخوا جي سڌ سماءُ بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف موجب، صوبي جا 11 ضلعا ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن ۽ مجموعي طور متاثر ماڻهن جو انگ 3 هزار 817 تائين پهچي ويو آهي.
هن چيو ته متاثر علائقن ۾ 32 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته 545 ريسڪيو اهلڪار ۽ 90 گاڏيون ۽ ٻيڙيون امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن.
بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته رڳو بونير ۾ 159 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته 100 ماڻهن کي بچايو ويو آهي، باجوڙ ۾ 20 ماڻهو فوت ٿيا ۽ هڪ گم آهي، جڏهن ته بٽگرام مان 11 لاش مليا آهن ۽ 10 ماڻهو لاپتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.