آل سنڌ لائرز فورم پاران وزيراعليٰ هائوس اڳيان هنيل ڌرڻو ختم، ميئر ڪراچي کي چارٽر آف ڊمانڊ پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل سنڌ لائرز فورم جي اڳواڻن وزيراعليٰ هائوس اڳيان لڳايل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڪيل اڳواڻن پنهنجن مختلف مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ۽ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪيو۔ ان موقعي تي ڊي آءِ جي وڪيل اڳواڻن کي سي ايم هائوس اندر ڳالهين لاءِ هلڻ جي آڇ ڪئي، پر وڪيلن انڪار ڪندي چيو ته وڏو وزير ٻاهر اچي ملاقات ڪري.
وڪيل اڳواڻ مطالبن جي منظوري لاءِ وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن بعد ميئر ڪراچي ساڻن ڳالهين لاءِ پهتو ۽ وڪيلن طرفان چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيو ويو.
وڪيل اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته چارٽر آف ڊيمانڊ ۾ اٺ مطالبا شامل آهن، حڪومت ڇنڇر تائين وقت گهريو آهي، جيڪڏهن مطالبا پورا نه ٿيا ته نئين حڪمت عملي جوڙي ويندي.
عامر وڙائچ چيو ته حڪومت رسپانس نه پئي ڏئي، تنهنڪري سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان صرف اهو مطالبو ڪري رهيا هئاسين ته حڪومت اسان سان ويهي ڳالهيون ڪري.
ان موقعي تي وڪيل اڳواڻ اشرف سمون چيو ته ڪاري ڪوٽ وارا زمينون نيلام ٿيڻ نه ڏيندا ۽ زمينون واپس وٺڻ تائين جدوجهد جاري رهندي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف جنگ جاري رهندي ۽ سنڌ جون زمينون واپس ڪرڻيون پونديون، عدالتون به اڃا تائين مڪمل طور آزاد نه آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.