اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير دفاع خواجه آصف، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته 14 آگسٽ ۽ ٻين قومي اهميت وارن ڏينهن تي پي ٽي آءِ جو پرتشدد احتجاج هڪ معمول بڻجي ويو آهي۔سماجي رابطن جي ويب سائيٽ “ايڪس” تي جاري بيان ۾ هن لکيو ته هڪ شخص قومي ڏينهن ۽ جشنن کان به پي ٽي آءِ لاءِ وڌيڪ اهميت رکي ٿو،هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به دهشتگردي جي مذمت نه ڪئي، بلڪه اسد قيصر چئي ڇڏيو آهي ته هو خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن نه ٿيڻ ڏيندا۔خواجه آصف چيو ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران عليمه خان (جنهن جو ڀاءُ مودي آڏو ليٽي ويو هو) حڪومت تي مودي سان سازباز جو الزام لڳائيندي رهي۔هن وڌيڪ چيو ته هن سال فوج جا 700 شهيد وطن لاءِ جان قربان ڪئي، پر پي ٽي آءِ جي ڪنهن اڳواڻ نه تعزيت جو بيان ڏنو، نه ڪنهن جي گهر وڃي همدردي ڪئي، بلڪه مخالفاڻا بيان ڏنا۔خواجه آصف سوال اٿاريو ته ڇا اهي ماڻهو پاڪستاني آهن يا ڪنهن اهڙي ڪلٽ جو حصو، جيڪو نازڪ وقت ۾ ملڪ جي سالميت تي حملو ڪري ٿو؟