ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جشن آزادي کي مشن آزادي طور ملهائي ٿي، بدقسمتي سان ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪجهه خاندان ڪري رهيا آهن. جشن آزادي تي قائداعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 17 سالن کان هڪ ئي پارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، پر ڪراچي جي حالت ناهي بدلي، جڏهن ته سنڌ جي بجيٽ جو 97 سيڪڙو ڪراچي شهر ڏئي ٿو پر ان تي پئسو نٿو لڳايو وڃي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو نااهلي سبب سنڌ جي علائقن کي تباھ ڪري رهيا آهن، اسان ڪنهن به ديش ٺهڻ جي خلاف آهيون ۽ ان جي اڳيان ڀت آهيون. خالد مقبول چيو ته اسان 40 سال اڳ برابري جي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي هئي، پر اڄ به هڪ طبقو 100 سيڪڙو ڏئي ٿو ۽ ٻيو 100 سيڪڙو خرچ ڪري ٿو.