پاڪستان بڻائڻ وارو سنڌ صوبو آهي:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي  مزار تي حاضري ڏني، جتي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي، وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر ڪامران ٽيسوري سان گڏ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. بعد ۾ هن پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي دوري دوران، سيد مراد علي شاهه قائداعظم جي مزار تي اسڪول جي ٻارن ۽ موجود عوام سان ملاقات ڪئي، جن سندس شاندار نعرن سان استقبال ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي وڏي وزير چيو ته 14 آگسٽ خوشي جو ڏينهن آهي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ اتحاد جي عزم کي تجديد ڪرڻ جو ڏھاڙو آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو درس اڃا تائين روشنيءَ جيان آھي، اسان قائداعظم جي ‘ڪم، ڪم ۽ رڳو ڪم’ واري اصول تي يقين رکون ٿا. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ هميشه قومي اتحاد، رواداري ۽ هم آهنگي جو علمبردار رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن مسلسل ڀائيچاري، رواداري، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جي قدرن کي قبول ڪيو آهي. هن شهيدن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته سندن قربانيون پوري قوم لاءِ فخر ۽ روشني جو مينار آهن. وڏي وزير سڀني شهرين تي زور ڏنو ته هو دهشتگردي، غربت ۽ جهالت جي خلاف مضبوط موقف اختيار ڪن،هوڏانهن نيشنل اسٽيڊيم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان چاهيون ها ته جنگ جاري رکي ڀارت کي وڌيڪ مزو چکائي پئي سگهياسين پر امن پسند آهيون،ان ڪري دنيا جي ڳالهه مڃي ڇڏي،هن چيو ته پاڪستان بڻائڻ وارو سنڌ صوبو آهي،سنڌ صوبو جشن آزادي جي تقريبن ۾ به اڳتي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.