ڪراچي (رپورٽر) ملڪ جو 78هون آزادي ڏهاڙو ملي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ڏينهن جي شروعات تي توپن جي سلامي ڏني وئي ۽ فجر جي نماز ۾ ملڪي ترقي، يڪجهتي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ قومي جهنڊا لهرايا ويا. ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ ملڪي سلامتي، يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي، وفاقي تخت گاهه اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي هيڊ ڪوارٽرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي.جناح اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ آزادي ڏهاڙي ۽ معرڪا حق جي فتح جي تقريب ٿي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، ٽنهي فوجن جا سربراهه، وفاقي ڪابينا ميمبر، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر توڙي دوست ملڪن جا سفير ۽ شهري وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. لاهور ۽ ڪوئيٽا ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي، جڏهن ته ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار ۽ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي. رات جو 12 وڳي ملڪ ڀر ۾ جشن جي شروعات ٿي وئي۔ ڀارت جي خلاف تاريخي فتح ۽ آزادي جي خوشي ۾ ملڪ جو هر شهر، هر گهٽي، هر محلو سائي هلالي جهنڊي جي رنگن سان روشن ٿي ويو. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چراغان ۽ آتشبازي جو شاندار مظاهرو ٿيو۔ جشنِ آزادي ملهائڻ لاءِ شهري رستن تي نڪري آيا.