فوج خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي

راولپنڊي (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير سمورن پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان آزادي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چي آهي ته  پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت، جنگي تياري تي مڪمل اعتماد آهي، سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير آزادي ڏهاڙي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته پنهنجي بزرگن، ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، اقليتي برادري به اڄ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڪستان وڏي جاني ۽ مالي قيمت ادا ڪئي. هن چيو ته آزادي جي جدوجهد سميت معرڪا حق جي شهيدن کي سلام پيش ڪيان ٿو، پاڪستان والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، ڪشميرين کي سندن حق ڏيڻ مسئلي جو واحد، منصفاڻو ۽ پائيدار حل آهي، عالمي برادري فلسطينين جي حقن جي تحفظ لاءِ به فوري طور کڻي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت، جنگي تيارين تي مڪمل اعتماد آهي، سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، پاڪ فوج خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي ۽ پنهنجي آزادي ۽ خود مختياري تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.