ڪراچي(شاهزيب خانزاده)پاڪستان جي 78هين آزادي ڏهاڙي کي غيرروايتي انداز ۾ ملهايو ويو پر حب الوطني رڳو جشن ملهائڻ ۾ ناهي بلڪه پنهنجي ملڪ جي رخ مان خامين جو ادراڪ ڪري اڳتي وڌڻ ۾ آهي،ڇا اڄ به اسان جو رخ اهو ئي آهي جنهن لاءِ پاڪستان ٺاهيو ويو هو،پاڪستان کي هڪ جمهوري فلاحي رياست بڻجڻ هو،ان جو جواب واضح طور نه ۾ آهي،78 سالن ۾ ٽي فوجي دور آيا،ڪو جمهوري وزيراعظم اڄ تائين پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيو،هاڻي صورتحال اها آهي ته 2018ع کانپوءِ اسان کي هائبرڊ رجيم چيو وڃي ٿو،وزير هائبرڊ نظام تي فخر محسوس ڪري رهيا آهن،عالمي ادارن جي جمهوريت بابت درجا بندي ۾ پاڪستان هڪ درجو وڌيڪ هيٺ هليو ويو آهي،اڪنامڪ يونٽس انٽيليجنس جي 2024ع جي رپورٽ موجب پاڪستان جمهوريت جي انڊيڪس جي درجابندي ۾ 6 درجا هيٺ هليو ويو آهي،پاڪستان 165 ملڪن ۾ 124 نمبر تي اچي ويو آهي،ان اسڪور جي ڪري پاڪستان انهن 10 ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي جنهن جي اسڪور ۾ سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي،انهن ملڪن جمهوريت جي لحاظ کان بدترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي،پاڪستان کي سڀ کان بدتر ڪيٽيگري ”اٿاريٽرين رجيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، فريڊم هائوس جي رپورٽ ۾ به پاڪستان کي جزوي طور آزاد ملڪ قرار ڏنو ويو آهي،ملڪ ۾ ڪهڙو نظام حڪومت هوندو اسان ان جو به فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون،ان سان گڏ اسان اڄ تائين پنهنجي گورننس کي بهتر نه بڻائي سگهياسين،ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشت گردي سڀ کان وڏو مسئلو آهي،11 آگسٽ 1947ع جي تقرير ۾ قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن بابت رهنمائي فراهم ڪئي هئي،اقليتن جي حقن جي حوالي سان اڄوڪي پاڪستان جي صورتحال قائداعظم جي واعدن جي بلڪل ابتڙ آهي،هيومن رائٽس واچ جي رپورٽ موجب 2024 ۾ ملڪ ۾ توهين مذهب جي نالي تي عدالت کان مٿانهان قتل ڪيا ويا،اقليتن جي عبادتگاهن تي حملا ڪيا ويا،اقليتن سان گڏ خود مسلمان به محفوظ ناهن،هجوم هٿان 4 ماڻهو توهين مذهب جي نالي تي قتل ڪيا ويا،حڪومت جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ ناڪام وئي،ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب 2024ع ۾ ٽارگيٽڊ حملن ۾ 6 احمدي قتل ڪيا ويا،19 سيپٽمبر تي عمرڪوٽ ۾ هڪ ڊاڪٽر کي پوليس اهلڪارن توهين مذهب جي الزام ۾ جعلي مقابلي ۾ قتل ڪري لاش وارثن کان کسي باهه ڏئي ڇڏي،اسلام اباد جي يونيورسٽي ۾ عيد تي هندو شاگرد کي زبردستي گوشت کارايو ويو،صنفي انصاف ۾ پاڪستان سڀ کان آخري نمبر تي آهي،ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ نياڻين جي اسڪولن تي حملا ڪيا ويا،سي پي جي جي رپورٽ موجب پاڪستان ۽ سوڊان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ آهن،ٻنهي ملڪن ۾ گزريل سال 6-6 ملڪ قتل ٿيا،تازي عرصي ۾ سياسي بي يقيني ۽ ميڊيا سينسرشپ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي،ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب پاڪستان ۾ اختيارين اظهار راءِ جي آزادي کي محدود ڪرڻ لاءِ سخت قانون ٺاهي ڇڏيا آهن،2024ع ۾ 7 صحافي قتل ڪيا ويا،32 صحافين کي پيڪا ايڪٽ تحت طلب ڪيو ويو،معاشي محاذ ۾ به پاڪستان 78 سالن ۾ 24 ڀيرا آءِ ايم ايف جي در تي وڃي چڪو آهي،اڃا به آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ آهي،97 سيڪڙو مسلمانن جي ملڪ ۾ اسلام خطري ۾ آهي،جنهن جو دل ڪري طاقتور ترين عهدي تي رهندڙ تي به توهين مذهب جو الزام لڳائي ڇڏي،اهو طاقتور ترين شخص به قرآن پاڪ کڻي ۽ عمرا ادا وضاحت ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو،ڪو جج نوٽيس وٺي ته ان خلاف به غليظ مهم شروع ڪئي وڃي ٿي، آمريڪا ۾ رهندڙ دانشور پروفيسر حسن عباس چيو آهي ته جڏهن قائداعظم ملڪ ٺاهيو هو ته ان وقت سندس مخالفن سياسي الزام ته هنيا پر ڪنهن اهو نه چيو ته محمد علي جناح اهل تشيع آهي،ظفرالله خان لاءِ به اهو نه چيو ويو ته اسان هن جي ڳالهه نه ٻڌنداسين ڇو ته هو احمدي آهي،هي پاڪستان لال قلندر،بري امام،عبدالله شاهه غازي جي صوفياڻي پيغام جو عڪس هو،ان اسلام کي ڇڏي اسان ان کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو،مدرسا ۽ مسجد بڻائڻ لاءِ به زمينن تي قبضا ڪيا ويا،هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ ماڻهن قربانيون ڏنيون،ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شهادتن باوجود ماڻهو جمهوريت چاهين ٿا،هن چيو ته آئين تي عمل ڪري اسان جمهوري فلاحي رياست ڏانهن وڌي سگهون ٿا،قانون جي حڪمراني کان علاوه ڪو شارٽ ڪٽ ناهي،رياست جا ڪرتا ڌرتا مذهب جي نالي تي جٿن کي روڪين،هاڻي کين جمهوري فورسز ۽ دانشورن سان اتحاد ڪرڻو پوندو، ڀارت کي انفريٽي ڪامپليڪس مان نڪرڻو پوندو،عبدالستار ايڌي ۽ عاصمه جهانگير جا وارث اڄ به ملڪ کي صحيح رخ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ جدوجهد پيا ڪن۔
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 15آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو