واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا، پاڪستان کي 78هين آزاديءَ جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار سان گڏ واپار ۾ تعاون کي ساراهيو آهي،آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا، پاڪستاني عوام کي 14 آگسٽ جي موقعي تي گرمجوشي سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ واپار ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو۔هن چيو ته واشنگٽن، اسلام آباد سان اهم شعبن ۾ تعاون کي اهميت ڏئي ٿو ۽ اسان اهم معدنيات، هائيڊرو ڪاربانز سميت اقتصادي تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جا خواهشمند آهيون، ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ خوشحال مستقبل جو رستو هموار ٿي سگهي.