جشن آزادي جي سرڪاري اشتهارن ۾ قومي ايڪتا غائب؟

اسلام آباد/لاهور(عمران شفقت+اجمل جامي+زاهد گشڪوري)بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض پاران ٽوئيٽ ۾ يوم آزادي جي دلي مبارڪباد جو پيغام ڏنو ويو آهي،هن چيو ته پاڪستان جي رياستي قيادت،هٿياربند فوج،قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوري قوم کي آزادي جي موقعي تي سلام عقيدت،الله اسان جي وطن عزيز کي امن،اتحاد ۽ جٽادار استحڪام عطا فرمائي،آمين،پاڪستان زنده باد،ملڪ رياض اهو ٽوئيٽ ڪري رياست کي صلح جو پيغام موڪليو آهي ٻئي پاسي يوم آزادي جي موقعي تي صدر مملڪت پاران  تمغن ئي تمغن جا ڍير لڳا پيا هئا،اسحاق ڊار،بلاول ڀٽو،راڻا ثناءُ الله،احسن اقبال،عطا تارڙ،محسن نقوي سميت سڀني کي تمغا ڏنا ويا،جڏهن ته  وزيراعظم شهبازشريف ۽ صحافي انصار عباسي تمغن کان انڪار ڪيو، جڏهن ته وفاقي اطلاعات وزارت کي به هڪ تمغو ملڻ گهرجي ها،14 آگسٽ جيڪڏهن اسان ملهائي رهيا آهيون ته ان ڏينهن تي قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ گهرجي ،پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته آزادي جي تحريڪ جو سرواڻ قائداعظم محمد علي جناح آهي،پر اها ڳالهه اسان جي اطلاعات واري وزارت کي شايد خبر ناهي،پاڪستان جي اخبار ۾ ڪروڙين رپين جي  يوم آزادي جي ڇپيل اشتهارن ۾ قائداعظم جو ذڪر نه ئي تصوير آهي،اشتهار ۾ پاڪ نيوي جي ايڊمرل نويد اشرف،فيلڊ مارشل عاصم منير،چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد،ايئر فورس جي سربراهه ظهير بابر سنڌو،ٻئي ڪنڊ تي صدر،وزيراعظم جون تصويرون آهن،ٻئي پاسي پنجاب حڪومت جي اشتهارن ۾ صدر مملڪت جي تصوير شامل ناهي،سنڌ حڪومت جي اشتهارن ۾ وري وزيراعظم جي تصوير شامل ناهي،صدر ۽ وزيراعظم کي قائداعظم جي تصوير هٽائڻ جي جاچ جو حڪم ڏيڻ گهرجي،فيصل وڙائچ ٽوئيٽ ڪيو ته اطلاعات ۽ نشريات وزارت کان سوال آهي ته ڇا قائداعظم محمد علي جناح جو به ڪجهه حصو هو يوم آزادي ۾؟سنڌ حڪومت جي اشتهارن ۾ قائداعظم،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو،شهيد بينظير ڀٽو،صدر آصف علي زرداري،بلاول ڀٽو زرداري،فيلڊ مارشل،ايئر چيف ۽ نيول چيف جي تصوير لڳل آهي پر وزيراعظم جي تصوير شامل ناهي۔

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 15آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.