ڪراچي/اسلام آباد (م ڊ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 78 سال گذرڻ باوجود پاڪستان ڪرپٽ ٽولي جي گرفت ۾ آهي. آزادي جي ڏهاڙي تي هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ ۽ عوام کي آزادي جي حقيقي مقصدن سان واقف ڪري. هن زور ڏنو ته گڏجي مدي خارج نظام ختم ڪري ملڪ کي پاڪستان جي بانين جي اميدن جو مرڪز بڻائڻ ضروري آهي۔ حافظ نعيم لوڊشيڊنگ ۽ مهانگن بجلي بلن خلاف اڄ احتجاج جو اعلان ڪيو. هن چيو ته جاگيردارن ۽ خانداني پارٽين جو جابراڻو نظام مڙهيل آهي، پر پاڪستان جلد هڪ حقيقي فلاحِي اسلامي رياست طور دنيا جي نقشي تي اُڀرندو.