”راڪيٽ فورس ڪمانڊ سان نيوڪليئر جنگ جو تاثر پيدا نه ٿيندو“

لنڊن/اسلام آباد (بي بي سي) پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف 13 آگسٽ تي اعلان ڪيو ته فوج ۾ هڪ نئين ڪمانڊ پاڪستان آرمي  راڪيٽ فورس ڪمانڊ قائم ڪئي پئي وڃي، جيڪا جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هوندي ۽ ملڪ جي دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط ڪندي۔ هي فيصلو خاص طور تي پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ جي تجربي کان پوءِ ڪيو ويو، جتي فتح ون ۽ فتح ٽو ميزائلن جي ڪامياب استعمال سان ڀارتي ايئر بيسز ۽ ايئر ڊفينس سسٽم کي نشانو بڻايو ويو. سڪيورٽي، عسڪري ذريعن، دفاعي ماهرن، تجزئي نگارن وٽان حاصل ڪيل ڄاڻ موجب، اهڙي فورس گهٽ خرچ، تيز ۽ خطرناڪ جوابي ڪارروائي لاءِ اثرائتي آهي، خاص طور جڏهن ڪيترائي ميزائل هڪ ئي وقت لانچ ڪري سگهجن. نئين ڪمانڊ جو مقصد وچولي رينج جي ميزائلن کي منظم ۽ تڪڙو، بنا ايٽمي هٿيارن جي تاثر جي استعمال ڪرڻ آهي، جيئن روايتي جنگ ۾ دشمن جي اهم هدفن کي نشانو بڻائي سگهجي. اڳ ۾ اهڙا ميزائل آرٽيلري ڊويزنز جي هيٺ هئا، پر هاڻي انهن لاءِ هڪ الڳ ڪمانڊ ۽ هيڊڪوارٽر هوندو. اهو به واضح ڪيو ويو ته هي ڪا نئين فوج نه پر موجوده ڊگهي رينج واري توپخاني کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جو نظام آهي. فوج اڳ ئي ٻن ڪمانڊز ۽ 9 فعال ڪورز تي ٻڌل آهي، ۽ ايئر ڊفينس ڪمانڊ سان گڏ هاڻي راڪيٽ فورس ڪمانڊ به اهم حڪمت عملي جو حصو هوندي. اهڙي فورس ڀارت، چين ۽ روس ۾ اڳ ۾ موجود آهي. هي فيصلو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان مستقبل ۾ روايتي جنگين ۾ راڪيٽ فورسز جو وڌيڪ ۽ بهتر استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ۽ فتح ميزائل جهڙا سسٽم هاڻي علامتي بدران مستقل جنگي حڪمت عملي جو حصو بڻبا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.