ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سٽي ڪورٽ ۾ 78هين آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون ٿيون، تقريبن جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ نعت سان ڪئي وئي. تقريبن ۾ چيف جسٽس سنڌ جنيد غفار، ٻين ججن، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ۽ وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس خطاب ۾ چيو ته قائداعظم محنت ۽ لگن سان ملڪ آزاد ڪرايو، هاڻي قوم کي نفرت ۽ تعصب ختم ڪرڻو پوندو. سرفراز متيلو قومي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ذميواري نڀائڻ جو وچن ورجايو. تقريب ۾ قومي جهنڊو به ڦڙڪايو ويو. ٻئي پاسي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ويسٽ ڊاڪٽر امبرين اسلم جي دعوت تي چيف جسٽس سنڌ جنيد غفار هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ مختلف ضلعن جي سيشن ججن سان گڏ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اولهه جو دورو ڪيو، جتي ڪيترين اهم سهولتن جو افتتاح ڪيو ويو. منصوبن ۾ خانداني ملاقات وارو ڪمرو، ڪورٽ پارڪ، قانوني اي-ڪيوسڪ، ون ونڊو سهولت مرڪز ۽ حلف نامي برانچ شامل آهن، جن جو مقصد عدالتي عمل کي جديد، ڪارآمد ۽ عام ماڻهن لاءِ وڌيڪ رسائي لائق بڻائڻ آهي. چيف جسٽس جنيد غفار ڊاڪٽر امبرين اسلم ۽ سهيل مشوري جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي انصاف جي فراهمي ۽ جديد سهولتن جي واڌاري لاءِ عدليه پرعزم آهي.