اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سول ۽ ملٽري ايوارڊز ڪاميٽي وزيراعظم شهباز شريف جو نالو "نشانِ پاڪستان” لاءِ تجويز ڪيو هو، پر وزيراعظم پنهنجي نالي کي ان فهرست مان ڪڍرائي ڇڏيو. ايوانِ صدر ۾ ٿيل تقريب دوران صدرِ آصف علي زرداري سول ۽ عسڪري شخصيتن کي اعليٰ اعزازن سان نوازيو. ذريعن موجب، ڪاميٽي طرفان "نشانِ پاڪستان” لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جو نالو تجويز ڪيو ويو هو، پر جڏهن سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي، تڏهن هن پنهنجو نالو فهرست مان ڪڍي ڇڏيو ۽ باقي سڀني نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي.