ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي بين الصوبائي ڪوآرڊينيشن ۽ ڪوآپريٽو کاتي بابت صلاحڪار سردار احسان الرحمان مزاري پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي قومي اعزاز ”نشانِ امتياز“ ملڻ تي دلي مبارڪ باد پيش ڪندي پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت نه رڳو ملڪي سياست ۾ جمهوريت، ترقي ۽ عوامي خدمت جو مثال آهي پر عالمي سطح تي به هن پاڪستان جو مقدمو جرئت سان پيش ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول کي اعزاز ملڻ تي مختلف وزير اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اعليٰ ترين قومي اعزاز ”نشانِ امتياز“ ملڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ننڍي عمر هوندي به حيران ڪندڙ سياسي بصيرت ۽ جرئت مند قيادت جو مظاهرو ڪندي عالمي سطح تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو. هن چيو ته بلاول ڀٽو نه رڳو ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي بي نقاب ڪيو پر عالمي برادري آڏو پاڪستان جو موقف دليلن ۽ اثرائتي نموني پيش ڪري سفارتي محاذ تي شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري اهو واحد رهنماِء آهي جنهن بين الاقوامي پليٽ فارمز تي پاڪستان جي باوقار نمائندگي ڪئي. ”نشانِ امتياز“ سندس قومي ۽ بين الاقوامي خدمتن جو اعتراف ۽ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ واڌ جو مظهر آهي.