73ع جي آئين، دفاع ۽ خودمختياري تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين: بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوري استحڪام لاءِ 1973ع جي آئين ۽ ملڪ جي  ناقابل تسخير دفاع ۽ خودمختياري تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين. آزادي جي ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن عوام جي ثابت قدمي، اتحاد ۽ ناقابل شڪست جذبي جي ياد ڏياريندو آهي، قائداعظم جي قيادت هيٺ اسان جي وڏڙن ناممڪن لڳندڙ ڪارنامو سرانجام ڏنو. بلاول ڀٽو چيو ته پ پ هميشا وڏڙن جي ويزن جي محافظ رهي آهي، نوجوان نسل کي اپيل ٿو ڪريان ته ورڇ، نفرت ۽ عدم برداشت کي رد ڪري پرامن، خوشحال ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪن، جمهوريت جو تحفظ ۽ عوام کي بااختيار بڻائڻ جو وچن ورجائن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.