اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيال ونڊيا ويا. ملاقات دوران وزيراعظم جو صلاحڪار رانا ثناءُالله ۽ خاص معاون طلحه برڪي به موجود هئا۔
اسان کي ملڪ تحفي طور مليو پر سنڀالي نه سگهياسين: مفتاح اسماعيل
ڪراچي (م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل وطن واسين کي يومِ آزادي تي مبارڪون ڏنيون. جاري بيان ۾ هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ۽ علاما اقبال اسان کي هي ملڪ تحفي طور ڏنو، اسان هن تحفي جي ايتري سٺي سنڀال نه ڪئي، جيئن ڪري سگھون پيا.
محمد زبير جو ن ليگ جي اندروني اختلافن بابت انڪشاف
اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي گورنر محمد زبير يوٽيوب تي مبشر لقمان سان انٽرويو ۾ پارٽي جي اندروني سياست ۽ اختلافن بابت انڪشاف ڪيا آهن. محمد زبير مطابق، نواز شريف جي دورِ ۾ پرڏيهي پاليسي بابت سٺا قدم کنيا ويا، جن ۾ واجپائي ۽ مودي کي پاڪستان سڏائڻ جهڙا تاريخي فيصلا شامل هئا، پر موجوده قيادت اهي پاليسيون ڇڏي ڏنيون ۽ معاشي پاليسي کي به نقصان پهچايو. هن ٻڌايو ته مسلم ليگ ن ۾ مفاهمتي ۽ مزاحمتي گروپ موجود هئا، مريم نواز ۽ نواز شريف مزاحمتي بيانيي تي هلي رهيا هئا، جڏهن ته شهباز شريف مفاهمتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ چاهيندو هو. زبير موجب، جڏهن اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عمران خان کان ناراض ٿيو ته شهباز شريف کي متبادل پلان طور ڏٺو پئي ويو، پر ان دوران مزاحمتي بيانيي کي ختم ڪري شهباز شريف کي ڳالهين جو موقعو ڏيڻ جي صلاح ڏني وئي. محمد زبير دعويٰ ڪئي ته شهباز شريف جي اچڻ کانپوءِ مون سميت جاويد لطيف ۽ پرويز رشيد کي پارٽي جي اهم ميٽنگن ۾ سڏائڻ بند ڪيو ويو، جڏهن ته وقت سان مريم نواز ۽ شهباز شريف جي ويجهڙائي وڌي وئي.