ارڙهين ترميم جي خاتمي جون ٿيندڙ ڪوششون

تحرير: عبدالله طارق سهيل

انهن ڏينهن ۾ هر ڏهه باخبر تجزيه نگارن مان نَوَ اهو ئي ٻڌائي رهيا آهن ته ارڙهين ترميم ختم ڪري ڇڏبي. حڪومتي اتحاد کي هڪ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ملي چڪي آهي، ۽ هاڻي اهڙي نئين ترميم آڻبي جيڪا ارڙهين ترميم کي ڳهي ڇڏيندي. ارڙهين ترميم صوبن جي خودمختياريءَ جي ترميم آهي، ۽ دنيا جي سڀني وفاقي ملڪن ۾ صوبن کي اهڙي خودمختياري حاصل هوندي آهي. پاڪستان به چار قوميتن جو وفاق آهي. جڏهن اهي حق ڏنا وڃن ٿا ته ملڪ مضبوط ٿئي ٿو، ۽ جڏهن کسي ڇڏجن ٿا ته ملڪ ڪمزور ٿئي ٿو. اها ئي سوچ هئي جنهن تحت پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) گڏجي اها ترميم پاس ڪئي هئي. هاڻي سوال آهي ته اهي ٻئي پارٽيون پنهنجو ئي ٺاهيل قانون ڪيئن ختم ڪنديون؟ هر ڏهن مان هڪ تجزيه نگار به ان جو جواب نٿو ڏئي سگهي.

هڪ ٻيو به حيران ڪندڙ معاملو آهي. ملڪ جون لڳ ڀڳ سڀ سياسي پارٽيون هن ترميم جي حمايت ۾ آهن، پر پيپلز پارٽي لاءِ ته هي ترميم ڄڻ زندگي ۽ موت جو سوال آهي. اها ان جي سڀ کان وڏي “چيمپئن” رهي آهي. جڏهن تجزيه نگار چون ٿا ته حڪومتي اتحاد کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي وئي آهي ته ان اتحاد ۾ پيپلز پارٽي به شامل آهي. اها ڪڏهن به ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ جي حمايت نه ڪندي ۽ ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندي. پوءِ نئين ترميم ڪيئن ممڪن ٿيندي؟ شايد حڪومتي اتحاد کي پيپلز پارٽي کان الڳ ٿي، پي ٽي آءِ جي “آزاد ٽولي” سان هٿ ملائڻو پوي. پي ٽي آءِ شايد اهڙي شرط تي راضي ٿئي ته ان جي مرشد کي آزاد ڪيو وڃي. اهو ٿي سگهي ٿو؟ پڪ سان ڪو نه ٿو چئي سگهجي، پر ان شرط کانسواءِ ترميم جو امڪان به ڏکيو آهي.

مسلم ليگ بابت به پڪ سان نه ٿو چئي سگهجي ته اها سموري نئين ترميم جي حمايت ڪندي. جڏهن ارڙهين ترميم پاس ٿي ته نواز شريف قوم کي مبارڪ ڏني هئي. ڇا هاڻي اها مبارڪ واپس وٺي ڇڏيندو؟ لڳي ٿو نه. هو ۽ سندس هم خيال شايد ان جي خاتمي تي تيار نه ٿين. البت شهباز شريف جو مزاج مختلف آهي. هو “احباب” يعني “بزرگان” جي خواهشن جو پاس رکندو آهي. جڏهن 2017ع ۾ نواز شريف “مون کي ڇو ڪڍيو” واري جي ٽي روڊ مارچ تي نڪتو هو، تڏهن شهباز کيس روڪيو هو ته وڏا ڀاءِ! بزرگن جي اڳيان زور سان نه ڳالهائبو، سندن مار به باغ و بهار آهي. سوچ بدلايو ۽ ائين چئو:

”بزرگن جي مار آهي، بندو تابعدار آهي“

هن تابعداريءَ مان عزت ملندي آهي، ۽ ان کي ئي چون ٿا خدمت کي عزت ڏيڻ. اڄڪلهه شهباز شريف خوش آهي ته خدمت کي آخرڪار عزت ملي وئي آهي. نواز شريف البت پنهنجي اندر جي ڪيفيت ظاهر نٿو ڪري.

مرڪز کي مضبوط ڪرڻ جا حامي گهڻي عرصي جي “هائبرٽينشن” کان پوءِ ٻيهر سامهون اچي ويا آهن. سندن تحريرون باقي بچيل پرنٽ ميڊيا ۾ ڇپجن پيون، ٽي وي تي اڃا گهڻي ڳالهه ناهي ٿي رهي.

مرڪز جي مضبوط ڏينهن قوم کي ياد آهن. ايوب خان جي دور ۾ مرڪز انتهائي مضبوط هو. مشرقي پاڪستان ۾ سڄي طاقت گورنر منعم خان وٽ هئي، ۽ مغربي پاڪستان ۾ امير محمد خان ڪالا باغ وٽ، ۽ ٻنهي جي واڳ ايوب خان جي هٿ ۾ هئي. مغربي پاڪستان کي ون يونٽ بڻايو ويو، صوبن جو نالو ۽ نشان ئي مٽائي ڇڏيو ويو ـ عملاً سڄو ملڪ ئي ون يونٽ بڻجي ويو. ۽ ان مضبوط مرڪز آخرڪار بنگلاديش کي جنم ڏنو. گهڻي عرصي کان پوءِ پرويز مشرف مضبوط مرڪز بحال ڪيو، پراڻي شان و شوڪت واپس آئي. پر ان نئين دور مان بلوچستان ۾ بغاوت اڀري، اهڙي بدامني ۽ وحشت جو ماحول ٿيو جو ٻڌڻ سان ئي روح ڪنبجي پئي. هاڻي وري مضبوط مرڪز جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون آهن ۽ هن ڀيري دل اڳ کان به وڌيڪ ڊڄي رهيو آهي.

9  مئي جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ سزائون ٻڌايون ويون آهن. اعجاز چوڌري، محمود الرشيد، سرفراز چيما ۽ ياسمين راشد کي ڏهه ڏهه سال قيد جي سزا ملي آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي، پهرين ڪيس وانگر، هن ۾ به بري ڪيو ويو آهي. پارٽي جي حلقن ۾ کلي کلي اها ڳالهه ٿي رهي آهي ته قريشي صاحب کي آزاد ڪري پارٽي سندن حوالي ڪئي ويندي ۽ پوءِ اسان ڪجهه به نه ڪري سگهنداسين. کين عرض آهي ته توهان هاڻي به ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو، پوءِ به نه ڪري سگهندؤ، فرق ڇا پوندو؟ پاڻ کي بيڪار پريشان نه ڪريو.

ڪجهه نه ڪرڻ يا نه ڪري سگهڻ جي ڳالهه تان ياد آيو ته هن نئين فيصلي ۾ پي ٽي آءِ پنجاب جي اڳواڻ عاليا حمزه کي به پنج سال قيد ملي آهي، ۽ ڏسجي ته هن سزا سندن عزت بچائي ڇڏي. مرشد کيس حڪم ڏنو هو ته 5 آگسٽ تي وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ٻاهر آڻين، پر بدقسمتي سان ڪو به تيار نه ٿيو. ڪال مڪمل طور ناڪام ٿي وئي. هاڻي مرشد وري حڪم ڏنو ته 13 ۽ 14 آگسٽ جي رات ماڻهن کي ضرور ٻاهر ڪڍ. ساڳي وقت ”نه ته“ جو لفظ به ٻڌڻو پيو. محترمه ڪٿان ماڻهن کي آڻين ها؟ شايد پنج سال قيد ٻڌي شڪر ادا ڪيو هجي ته خير، نه ته جي وبال کان بچي ويس. ۽ اهو به چئي سگهي ته مان ته لکين ماڻهن کي آڻڻ واري هيس، پر ڇا ڪيان، مون کي سزا ملي وئي. سڌو سنئون ٻڌايو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ 50 رضاڪارن جو هڪ جٿو تيار ڪيو آهي، جيڪي 13 آگسٽ جي رات، هميشه وانگر، ٻيهر هزارين نوجوانن جي نالي تي ٻاهر نڪرندا. اهي رضاڪار جهنڊا کڻي، هر ٿوري مفاصلي تي ٻه ٻه بيهندا، ۽ پوءِ پارٽي اعلان ڪندي ته اهي سڀ حقيقي آزادي لاءِ نڪتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.