اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر ۽ پارلياماني اڳواڻ علي ظفر حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته عدالتن کي هٿيار بڻائي اسان کي ڇو ڪڍيو پيو وڃي؟ سينيٽچيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس دوران، پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ علي ظفر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي ڪارڪنن تي سزائن جي برسات ڪرڻ لاءِ عدالتن جو استعمال ڪيو ويو، ڪوڙا ڪيس هڻي سزائون ڏنيون ويون، ۽ فيصلن کانپوءِ ئي فوري طور تي اليڪشن ڪميشن طرفان ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو ويو.هن چيو ته سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻن کي نااهل ڪيو ويو، آرٽيڪل 63 (1)(h) تحت ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي تي نااهلي نٿي ٿي سگهي، نااهلي صرف آخري فيصلي کانپوءِ ٿي سگهي ٿي. نااهلي بابت ڳالهائيندي علي ظفر چيو ته فيصلو اڃا آيو ئي نه هو ته نااهل قرار ڏنو ويو، اليڪشن ڪميشن آزاد ناهي، جانبدار آهي،سزائون اسان مٿان وسي رهيون آهن، اهي سڀاڻي اوهان مٿان به ٿي سگهن ٿيون. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ناصر بٽ چيو ته "اوهين به ڪالهه ساڳيو ئي ڪندا هئا، جيڪو اڄ اوهان سان ٿي رهيو آهي. جيڪي اوهان ڪيو، هاڻي اهو ئي اوهان کي ڀوڳڻو پيو. اوهين پنهنجي گريبان ۾ ته نهارين. شيري رحمان جي تقرير تي به مخالف ڌر گوڙ ڪيو.وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته "سينيٽر علي ظفر چيو ته نااهلي صرف آخري فيصلي کانپوءِ ٿيندي آهي، پر منهنجو خيال آهي ته سزا جي صورت ۾، جيستائين اها معطل يا ختم نه ڪئي وڃي، نااهلي لاڳو ٿئي ٿي. سزا جي لمحي کان ئي نااهلي شروع ٿي وڃي ٿي. ضمانت جي باوجود به نااهلي جاري رهي ٿي.