اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف باني سان ملاقات نه ڪرائڻ تي قومي اسيمبلي ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪندي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، پي ٽي آئي جي چيف وِهپ عامر ڊوگر چيو ته باني سان ملاقات نه ڪرائڻ استحقاق جي ڀڃڪڙي آهي، اسد قيصر جيل مينيوئل تي عملدرآمد جو مطالبو ڪندي چيو ته باني سان سياسي صلاح مشورو ضروري آهي، ڊاڪٽرن ۽ گهرڀاتين سان به ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي، اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن کي چيو ته هو حڪومت سان ڳالهيون ڪن، آئون سهولتڪاري لاءِ تيار آهيان، اياز صادق اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي معاملي جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي ۽ واضح ڪيو ته ڳالهه ٻولهه گرينڊ جرڳي ۾ نه، پر پارليامينٽ ۾ ٿيندي.