اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پورچوگال ۾ ڪامورن جي ملڪيتن جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن جي فهرست طلب ڪري ورتي. جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ پي اي سي اجلاس ۾ پورچوگال ۾ بيوروڪريٽس طرفان ملڪيتون خريدڻ جو نوٽيس ورتو ويو. ڪميٽي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ گهرو وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي فهرست طلب ڪري ورتي. اجلاس ۾ يوٽيليٽي اسٽور بند ڪرڻ جي معاملي تي به غور ڪيو ويو ۽ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ان حوالي سان لاڳاپيل کاتن کي طلب ڪيو وڃي. پي اي سي ميمبر سيد نويد قمر اجلاس ۾ چيو ته حڪومت خاطري ڪرائي هئي ته يوٽيليٽي اسٽور بند نه ٿيندا، ملازمن کي نوڪرين تان نه ڪڍڻ جو واعدو پورو نه ڪيو ويو.