ايس ايس پي سکر، خورشيد شاهه جو ڊرائيور بڻجي ويو، وڊيو وائرل

سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھ) سنڌ جي اهم انتظامي عهدن تي ويٺل آفيسرن ۽ حڪومتي اثر رسوخ جي ويجهڙائيءَ بابت هڪ نئين بحث کي جنم ڏيندڙ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، فوٽيج ۾ ايس ايس پي سکر اظهر مغل کي پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي ذاتي گاڏي ڊرائيو ڪندي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو، ان حوالي سان ايس ايس پي سکر ۽ پيپلز پارٽي قيادت هينئر تائين ڪو به موقف جاري نه ڪيو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي عوامي ردعمل تيز ٿي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهن ان کي صرف ذاتي تعلق قرار ڏنو آهي ته ٻيا ان کي سياسي سرپرستي ۽ اثر رسوخ جو واضع ثبوت سڏي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهون چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن هي ڪميشن پاس آفيسر ائين سياسي ماڻھن جو ڊرائيور وانگر گاڏي هلائيندو ته عوام تائين ڪھڙو اثر پوندو، اها به حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ساڳئي گاڏي جي پويان سيٽ تي نبي بخش جسڪاڻي ويٺل آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ بدامني خلاف هڪ تقريب ۾ ڪاوڙ ۾ اچي هزارين ماڻهن سان گڏجي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن تي شهرين سوال اٿاري ڇڏيا آهن ته جيڪو شخص ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج جو اعلان ڪري اهو ڪيئن پوليس کي ويجهو ٿي ويو، سکر جي سول سوسائٽي جو چوڻ آهي ته اهڙيون حالتون پوليس جي غير جانبداري، شفافيت ۽ قانون تي بي لوث عملداري تي سوال اٿارين ٿيون، مخالف ڌر جا نمائندا چون ٿا ته جڏهن انتظامي آفيسر سياسي شخصيتن سان اهڙي ويجهڙائي ۾ هوندا ته پوليس جا آپريشن ۽ قانون لاڳو ڪرڻ جا عمل متاثر ٿيڻ جو خطرو هوندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.