حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري, وفاقي حڪومت کان فوري طور تي اين ايف سي ايوارڊ جي لاءِ قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ناڻي جي ورڇ ۾ ماضي ۾ صوبن سان ناانصافي ٿيون, اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلون اچڻيون آهن، 18 هين ترميم کانپوءِ واري صورتحال تحت اين ايف سي ملڻ گهرجي، ان ڪري فوري طور تي اين ايف سي اجلاس کي سڏايو وڃي ۽ اين ايف سي ايوارڊ 18 هين ترميم تحت ئي ملي اين ايف سي ۾ واڌ ٿئي ته جيئن صوبا پنهنجو ڪاروهنوار هلائي سگهن ۽ جيڪي وڌيڪ ذميواريون صوبن کي مليل آهن اهي پوريون ٿي سگهن، وفاقي حڪومت جي نالائقي ۽ ناڪامي آهي ته ان جو ادارو ايف بي آر ٽيڪس جمع نٿو ڪري سگهي، ٽيڪس گڏ نه ڪرڻ سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي عوام جو ڏوهه ناهي. ڏوهه اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن جو آهي. وفاقي حڪومت پنهنجو بار صوبن تي نه وجهي. ڪالھه حيدرآباد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديليون اينديون آهن. آئين ۾ موجود آهي ته هر پنج سال کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ گهرجي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پنهنجي آئيني ۽ قانوني حق تي قائم آهي, تنهن هوندي به ملڪ ۾ جديد آبپاشي نظام اختيار ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ته جيئن پاڻي جي بحران کان بچي سگهجي. ھن چيو ته حيدرآباد شهر جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، هتي جي عوام کي جديد سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ شهر کي ماضي وانگر نظرانداز نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نياز اسٽيڊيم جي بحالي، حسن علي آفندي پارڪ جي تعمير، اربن فاريسٽ جي تياري، فيملي پارڪ ۾ واڪنگ ۽ سائيڪلنگ ٽريڪ ۽ آٽو ڀان روڊ سميت ٻين منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري ميئر ۽ سندس ٽيم کي سٺي ڪارڪردگي تي شاباس ڏيندي چيو ته انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان حيدرآباد جي عوام کي صحتمند ۽ خوشگوار ماحول ملندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي ۾ حيدرآباد کي سياسي بنيادن تي نظرانداز ڪيو ويو ۽ نفرت جي سياست ڪئي وئي, پر پاڪستان پيپلزپارٽي جو مقصد شهر جي ترقي ۽ عوام جي خدمت آهي. هن چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ منصوبو دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ پاڪستان جو سڀ کان شفاف منصوبو آهي، جيڪو مڪمل طور تي ڪرپشن کان پاڪ آهي. هن منصوبي جو آڊٽ ڪنهن به عالمي اداري کان ڪرائي سگھجي ٿو. هن چيو ته سندن پارٽي سڀ کان وڌيڪ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن. پر ان سلسلي ۾ وفاق پنھنجي ذميواريون پوري نٿو ڪري, اسان سنڌ جي شاگردن سان گڏ ٻيٺا آھيون, هدف اهو آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽي هجي. حيدرآباد ايئرپورٽ جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جو ٻيو وڏو شهر بين الاقوامي ايئرپورٽ جو حقدار آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي نه ته پنھنجو ايئرپورٽ ۽ ايئر لائين ٺاھڻي پوندي ته جيئن عوام کي سفري سهولت ملي سگهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرد عنصر مزدورن کي نشانو بڻائين ٿا، ڪوشش جاري آهي ته گڏيل قومن کان به انهن تنظيمن کي دهشتگرد قرار ڏياريو وڃي ته جيئن انهن جي عالمي فنڊنگ بند ٿي سگهي. هن چيو ته جمهوريت جي بقا تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سڀ ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ۽ سياستدان به سياست جي دائري ۾ رهن ته جيئن ملڪ ترقي جي راهه تي هلي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري خان بهادر حسن علي آفندي پيپلز پارڪ ۽ نياز اسٽيڊيم جي توسيعي منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير بلديات سعيد غني، نثار کهڙو، شرجيل انعام ميمڻ، ڄام خان شورو ۽ حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو سميت صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ شهري وڏي انگ ۾ موجود هئا. تقريب دوران بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ويو ته هي پارڪ 14 ايڪڙ ايراضيءَ تي مشتمل آهي ۽ ان کي اربن فاريسٽ جي طرز تي تيار ڪيو ويو آهي.. حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم جي واڌ بابت کيس ڄاڻ ڏني وئي ته اسٽيڊيم جي گنجائش اٺ ھزار مان وڌائي پندرهن ھزار ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي شهر جي ترقياتي اسڪيمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. کيس حسين آباد گدو چوڪ کان لطيف آباد يونٽ 2 تائين آٽو ڀان روڊ جي تعمير جي پهرين ۽ ٻي مرحلي جي مڪمل ٿيڻ بابت آگاهي ڏني وئي. رنگ روڊ، سحرش نگر باءِ پاس بابت به بريفنگ ڏني وئي. ان دوران بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد جي سڀني ٽائون چيئرمينن سان ملاقات ڪئي، انهن جا مسئلا ۽ ترقياتي تجويزون ٻڌيون ۽ فوري حل جي خاطري ڪرائي. هن ڪچي آباديءَ ۾ رهندڙ عورتن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ جو اعلان به ڪيو.