نامياري شاعر، ليکڪ ۽ قانوندان فتاح ملڪ جو وڇوڙو

تحرير: زين سولنگي

ناميارو قانوندان، شاعر، اديب ۽ ليکڪ فتاح ملڪ  03 مارچ 1939ع تي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ غلام قادر ملڪ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بي. اي 1961ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر مان ۽ ايل.ايل.بي 1963ع ۾ حـيدرآباد لا ڪاليج مان پاس ڪئي. فتاح ملڪ 1964ع کان سکر ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. ان دوران ون يونٽ خلاف تحريڪ شروع ٿي ته هن به ان ۾ حصو ورتو. هو اسڪول جي زماني کان ئي شاعري ڪندو هو. هن شاعريءَ کان سواءِ ڪالم ۽ ڪھاڻيون پڻ لکيون.فتاح ملڪ پنهنجي  فڪر، قلم ۽ قانوني ڄاڻ سان هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هو قانون جي ميدان ۾ پنهنجي مهارت، دليلن جي پختگي ۽ انصاف لاءِ جدوجهد سبب مڃتا ماڻي. ساڳئي وقت هو ادب ۽ شاعريءَ ۾ به اهڙو ئي اثر ڇڏي ٿو. هن جي لکڻين ۾ فڪري گهرائي، سماجي شعور ۽ جمالياتي چس نمايان ملندي آهي.

فتاح ملڪ جا ڪتاب  علمي، ادبي ۽ قانوني حلقن ۾ وڏي دلچسپي سان پڙهيا ويندا آهن، جڏهن ته سندس شاعريءَ ۾ محبت، انساني حقن ۽ معاشرتي مسئلن جو اظهار دلڪش انداز ۾ ملي ٿو. هو لفظن سان اهڙو رشتو رکي ٿو، ڄڻ قانون جي عدالت ۽ ادب جي محفل ٻنهي ۾ هڪ ئي وقت وڪيل ۽ شاعر جي مڃتا ماڻي.

شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، رشيد ڀٽي ۽ حميد سنڌي جي  ادبي سٿ جو  هڪ سگهارو اديب فتاح ملڪ به وڇڙي ويو. سندس شعري مجموعو ”ڪنول پاڙون پاتار ۾“ (1988ع) ، ”آڻي آونگ چاڙهيا“ (1997ع) شايع  ٿي چڪا آهن ان کان سواءِ، ”ڀينر هن ڀنڀور ۾“ 2002ع (ڪالم)، ”جيڪي ياد پيوم“ 2009ع (يادگيريون) ۽ ”جمنا سان ٽي ڏينهن“ (ڪهاڻيون 2012ع) ڇپيل آهن. فتاح ملڪ ڪجھه وقت سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل پڻ رهيو. کيس علمي ادبي پورهئي ۽ سماجي خدمتن تي صدارتي ايوارڊ (شجاعت امتياز) پڻ ڏنو ويو.  هو هاڪارو قانوندان ۽ هڪ سٺو مقرر هو  ۽  بي ڊپائي سان ڀرپور اظهار ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو.

فتاح ملڪ هڪ خوددار شخصيت جو مالڪ هجڻ سان اسٽيج جو ڪمال جو مقرر هو. اسٽيج تي وڏي خوداعتمادي سان ڳالهائيندو هو، سندس لفظن جي چونڊ به ڪمال جي هوندي هئي. فتاح ملڪ جھڙيون مڻيادار شخصيتون صدين بعد پيدا ٿينديون آهن.

فتاح ملڪ جا ڪتاب  علمي، ادبي ۽ قانوني حلقن ۾ وڏي دلچسپي سان پڙهيا ويندا آهن، جڏهن ته سندس شاعريءَ ۾ محبت، انساني حقن ۽ معاشرتي مسئلن جو اظهار دلڪش انداز ۾ ملي ٿو. هو لفظن سان اهڙو رشتو رکي ٿو، ڄڻ قانون جي عدالت ۽ ادب جي محفل ٻنهي ۾ هڪ ئي وقت وڪيل ۽ شاعر جي مڃتا ماڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.