ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ موري واقعي خلاف وڪيلن جي ريلي، ڪراچي ۾ مارچ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جي سوين وڪيلن ڪالهه سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ مورو مارچ ڪري حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪئمپ ھڻي عام جلسو ڪيو, ھن احتجاج ۾ سڄي سنڌ مان سون جي انگ ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي.  هو مورو جي شهيدن سان انصاف، سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ  ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن جي والار ،سنڌ کي امن ڏيڻ سميت عوامي حقن لاءِ نعرا هڻندا رهيا. ان موقعي تي آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ چيو ته 16 آگسٽ تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ  ڪراچي کان وزير اعلي سنڌ ھائوس تائين احتجاجي پيادل ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان وڪيل شرڪت ڪندا، سنڌ سان ٿيندڙ نااصافين تي ماٺ ڪري نه ويهنداسين. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊوڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته مورو واقعي جي جوڊيشل جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي ڳالهين ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ وارو فيصلو واپس وٺڻ سميت  26 آئيني ترميم جي خدشن کي ختم ڪرڻ بابت به يقين ڌياني ڪرائي وئي پر اڃان تائين اھڙا فيصلا واپس ناهن ورتا ويا. هن چيو ته سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري سنڌ جي زراعت کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ايڊوڪيٽ سجاد چانڊيو چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي، سنڌ جي  وسيلن تي پهريان سنڌي ماڻهن جو حق آهي، ۽ اھو  سنڌ جي ماڻهن جو آئيني ۽ بنيادي حق آهي ھن چيو ته اڄ سنڌ جي لکين هارين کي پنهنجي زمين ناهي. اطھر عباس چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين انيشيٽو تحت ڏنل سموريون زمينون، سياحتي مقام، جبل، ڍنڍون، ڍورا قبضي ھيٺ آڻڻ  ۽ 26 آئيني ترميم  سميت سمورا سنڌ دشمن فيصلا واپس نه ورتا ويا مورو جي شھيدن سان انصاف نه ٿيڻ سميت  سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙي جو خاتمو ۽، پيڪا قانون واپس نه ٿيو ھاڻي دمادم مست قلندر ٿيندو. حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جي صدر اشعر مجيد کوکر چيو ته چيو ته سنڌ جو ماڻھو ھاڻي ڌوڪي ۾ نه ايندو، توھان کي ڪينال ختم ڪرڻا پوندا.  . ان موقعي تي ايڊووڪيٽ مير مڱريو، ايڊووڪيٽ الطاف سچل اعواڻ، ايڊووڪيٽ فيصل مغل، ايڊووڪيٽ امير آزاد پنھور، نويد جروار، ڪي بي لغاري، حسيب جمالي، ڪاظم مھيسر، فھيم انڙ، مير پرويز ٽالپر, ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي سميت ٻين وڪيل پڻ خطاب ڪيو جڏھن ته پيادل مارچ ۾ ڪراچي، ٺٽو سجاول، بدين ڄامشورو، دادو، مٽياري، ٽنڊومحمدخان، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، خيرپور ميرس سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ھاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۽ تعلقہ بار ايسوسيئيشن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد، ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ڪالھ مڪمل طور تي عدالتي ڪارروائيون معطل رهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.