آئين مان اقليت لفظ ختم ڪري گڏيل قومن جا مڃيل اصطلاح استعمال ڪيا وڃن\سنڌ اسيمبلي

  ڪراچي (ذوالفقار راڄپر )سنڌ اسيمبلي جو خاص اجلاس  سومر ڏينهن تي سنڌ اسيمبلي اقليتن سان يڪجهتي طور سنڌ اسيمبلي جي پراڻي تاريخي عمارت ۾ اسپيڪر اويس قادر شاھ جي صدارت هيٺ شروع ٿي ويو، اجلاس ۾ گهرو وزير ضيالنجار ايوان ۾ معمول جي ايجنڊا ملتوي ڪرڻ جي تحريڪ  پيش ڪئي جيڪا ايوان ۾ گڏيل طور منظور ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد ٺهراءَ رکندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اقليت يا منارٽي جي لفظ کي مٽايو وڃي ۽ گڏيل قومن پاران جيڪي ٽرمينالاجيز  آهن اقليتن لاءِ انهن کي استعمال ڪيو وڃي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سڀني ميمبرن سميت ايوان جو اڳواڻ سيد مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن جو اڳواڻ علي خورشيدي پڻ موجود هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير، مخالف ڌر جي اڳواڻ سميت سمورن اڳواڻن چيو ته پاڪستان جو آئين سنڌ ۽ سڄي ملڪ ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو. آزادي جي ڏينهن کان ٽي ڏينهن اڳ اقليتي ڏينهن ملهائڻ جو مطلب اهو واضح ڪرڻ آهي ته هر شهري کي سندس مذهب ۽ جان ۽ مال جي تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. قرارداد ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني پيش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قرارداد جي حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته هي سنڌ اسيمبلي جو تاريخي هال آهي جتي سنڌ اسيمبلي 1943 ۾ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي هئي ۽ قائداعظم 1947 ۾ ساڳئي سيٽ تان قوم کي خطاب ڪيو هو. هن چيو ته قائداعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته توهان پنهنجي مذهب ۾ آزاد آهيو. اسان جي آزادي کان ٽي ڏينهن اڳ اقليتن جو ڏينهن ملهائڻ جو مطلب آهي ته هر شهري کي مذهب ۽ سلامتي جي ضمانت آهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پهريون صوبو هو جيڪو پنهنجي حيثيت ختم ڪري پاڪستان ۾ شامل ٿيو، سنڌ پنهنجي حيثيت ختم ڪري پاڪستان لاءِ ووٽ ڏنو. هن چيو ته اسان جي بزرگن هن هال ۾ ويھي ڪري پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. قائداعظم چيو هو ته هو پاڻ کي هندو اقليت جو محافظ سمجهن ٿا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير اسيمبلي هال ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي قرارداد جي حمايت ڪندي چيو ته هي قرارداد تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، اهو سڀني پارٽين کي اپيل آهي ته هن قرارداد کي سبوتاز نه ڪن، اسان کي به هي قرارداد پاس ڪرڻ گهرجي. قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته فرقه وارانه تعصب کان پاسو ڪيو وڃي، پر بدقسمتي سان، هتي قوم پرست تعصب به اچي ٿو. هن نشاندهي ڪئي ته ايوان ۾ پيپلز پارٽي جا ميمبر گهٽ آهن.  . گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اهو به تجويز ڪيو ته مخالف ڌر جو اڳواڻ قرارداد منظور ٿيڻ کان پوءِ پوائنٽ آف آرڊر تي ڊمپر معاملي تي بحث ڪري سگهي ٿو. گهرو وزير اقليتن بابت چيو ته اسان اقليتن لاءِ هڪ ڊيسڪ ٺاهينداسين، هڪ ايس ايس پي سطح جو آفيسر ڊيسڪ تي هوندو. آءِ جي سنڌ آفيس ۾ هڪ ڊيسڪ پڻ هوندي. مقامي حڪومت جي وزير سعيد غني پنهنجي تقرير ۾ چيو ته غير مسلمن کي پيغمبر حضرت محمد ﷺ جي زماني کان وٺي خلفاءِ راشدين جي زماني تائين تحفظ ڏنو ويو. پاڻ پيغمبر حضرت محمد ﷺ غير مسلمن جي ميزباني ڪئي ۽ اسان جي نبي ﷺ چيو آهي ته جيڪو مسلمان ڪنهن غير مسلم کي قتل ڪري ٿو اهو جنت جي خوشبو کان محروم ڪيو ويندو. منهنجي حلقي ۾ عيسائي ۽ هندو رهن ٿا، مون کي انهن تي فخر آهي. مان پنهنجي حلقي ۾ غير مسلمن جو احترام ڪريان ٿو. ڊپٽي اسپيڪر ۽ قرارداد جي پيش ڪندڙ، نويد اينٿوني، چيو ته صدر آصف علي زرداري 2009ع ۾ اقليتن جو ڏينهن ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو. 11 آگسٽ 1947 تي، قائداعظم جهنڊي ۾ اقليتن جي نمائندگي ڏني. قومي جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته لفظ اقليت کي برابري جي بنياد تي آندو وڃي ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آئين مان هن لفظ کي ختم ڪيو وڃي. اڳوڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني چيو ته هڪ آئيني لفظ آهي جيڪو قومي اسيمبلي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.  ان موقعي تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه اعلان ڪيو ته 14 آگسٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ علامتي ڏينهن ملهايو ويندو، ۽ خاص ٻارن کي به علامتي اجلاس ۾ دعوت ڏني ويندي. ايم ڪيو ايم ميمبر طحه احمد خان چيو ته اسان هن قرارداد جي غير مشروط حمايت ڪنداسين. هن چيو ته وڏي وزير قائداعظم جي هڪ بيان جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته هن ملڪ ۾ ڪا به آزادي نه هوندي جيستائين هتي رهندڙ سڀئي آزاد نه ٿين. ڊمپر ڪراچي ۾ ماڻهن کي بي رحمي سان ماري رهيا آهن. انهن کي لغام ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ ميمبر شبير قريشي چيو ته اسان هن قرارداد جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جو جهنڊو اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو. ايم ڪيو ايم ميمبر انيل ڪمار هتي آزادي سان رهي رهيو آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ هندن کي هر سهولت حاصل آهي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جو چنڊ وارو سائو جهنڊو اسان جي آزادي جي علامت آهي، پر ان جو اڇو حصو اقليتن جي حقن ۽ آزادي جي ضمانت آهي. ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح به پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني اقليتن کي برابر حق ڏيڻ تي زور ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.