ڪراچي ۾ ڊمپر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، ڀيڻ ڀاءُ فوت، 7 ڊمپرن کي ساڙيو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ ٻي خطرناڪ ڊمپر حادثي ۾ ٻه بيگناهه حياتيون ضايع ٿي ويون، راشد منهاس روڊ تي لڪي ون جي ويجهو ڊمپر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي  ۾  هڪ ئي خاندان جا ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿيا. اسپتال منتقل ڪرڻ دوران 22 سالن جي ماهه نور ۽ 14 سالن جو علي رضا فوت ٿي ويا، جڏهن⁠ ته سندن والد شاڪر جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، فوتي ماهه نور جي چاچي موجب ماهه نور جي ايندڙ مهيني شادي ٿيڻ واري هئي ۽ گهر ۾ تياريون جاري هيون. شاڪر پنهنجي ٻن ٻارن سان ملير مان سسراڙي کان واپس اچي رهيو هو، جڏهن حادثو پيش آيو، حادثي کانپوءِ شهرين سخت ڪاوڙ ۾ اچي 7 ڊمپر ساڙي ڇڏيا، پوليس ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ۽ ڊمپر ساڙڻ جي الزام ۾ 10 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، ٻئي طرف ٽرانسپورٽرن 7 ڊمپرا ساڙڻ خلاف احتجاج ڪندي سپر هاءِ وي سهراب ڳوٺ وٽ ٽرڪ ۽ ڊمپر بيهاري روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ ڊگهي قطارون لڳي ويون، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ڊمپر حادثي ۾ ڀيڻ ڀاءُ جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهري واقعي تي جذباتي ٿي قانون هٿ ۾ نه وٺن. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت حادثي جي ذميوار ڊرائيور کي قرار واقعي سزا ڏئي ۽ ڊمپر مافيا تي ڪنٽرول آڻي.ٽرانسپورٽرن پوليس کي 72 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏنو ته ڊمپر ساڙڻ وارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ کين 72 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت ساڙيل گاڏين جي مالڪن کي معاوضو ادا ڪري، ڪراچي ۾ هن واقعي کان اڳ به مختلف وقتن تي ڊمپرن جي ٽڪر ۾ ڪيتريون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.