ڪارپوريٽ فارمنگ،ڪرپشن،بدامني خلاف ڳاڙهو ۾ اياز پليجي جي اڳواڻي ۾ مارچ

ڪراچي/حيدرآبادسکر(نمائندا)درياءَ تي ڌاڙو، ڪارپوريٽ فارمنگ بدامني لاقانونيت، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، مظھر راھوجو ممتاز شيخ، حبيب  الله پليجو، امين جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن سول ڪورٽ ڳاڙهو کان پيادل مارچ ڪيو جيڪو شھر جي مختلف مختلف روڊن کان ٿيندو مين بس اسٽاپ چوڪ پھتو جتي جلسي عام ڪيو ويو ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پنھنجي تاريخ جي بدترين ٺڳن جي ور چڙهي وئي آهي، سنڌ جو پاڻي وڃي پيو ، زمينون وڃن پيون ، ميرٽ تباھ آهي، ڏوھ آهن، ضلعا ڌاڙيلن جي حوالي آھن. ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ جي زراعت مڪمل ختم ٿي ويندي ڪوٽڙي بئراج جو وجود نه رھندو. ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان ضلعا سمنڊ ڳڙڪائي ويندو سموري سنڌ جو جڙ کارو ٿي ويندو،سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون گرين پاڪستان جي نالي ۾ مختلف ڪمپنين کي ڏئي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو ويندو. هن چيو ته زمين، سنڌو درياءَ ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿيو، سنڌ تباھ ٿي چڪي آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت برباد ٿي چڪي آهي ميرٽ جو جنازو هر روز ڌام ڌوم سان ڪڍيو پيو وڃي سنڌ بيروزگاري، مهانگائي، لاقانونيت ۽ غربت جي لپيٽ ۾ آهي. هن چيو ته  اقتداري پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي،خود احتساب ڪن پاڪستان جي ماڻهن کي سنڌ جي هارين سان گڏ بيهڻ گهرجي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي حڪمرانن لاءِ هاڻي ماڻهو، روزگار، زراعت ۽ پاڻي اهميت نه ٿا رکن. هن چيو ته  سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي اٽڪلون ڪري سڄي سنڌ کي ٺڳي سان گڏ ڪري ٻٻرلوء باء پاس تي ويهاري ڇڏيائون، ھي سنڌ سان دوکو ڪيو ويو ھو، ڪاميابي ناھي، احتجاج تيسين جاري رکبو جيسين صدر ۽ وزير اعظم گڏجي ڪينالز منصوبي جي خاتمي جو اعلان نٿا ڪن. جيڪڏهن سنڌين جي اها سادگي رهي ته سنڌين جو حشر به غزا جهڙو ٿيندو، هن چيو ته  سنڌيو ھڪ دفعو ٻيهر ميدان تي نڪرو، ناٽڪن کي ٿڏي ڇڏيو، سازشن کي رد ڪري ڇڏيو، جدوجهد جو ھڪڙو طريقو آهي رستن، گھٽين، مين روڊن تي مسلسل ھلندا رھو ڪنهن به ڊرامي ڪنهن به ھٿ ناٽ جو شڪار نه ٿيو ،قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظهر راهوجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌو درياھ تي نون ڪئنالن جو منصوبو رد ڪريون ٿا، ممتاز شيخ چيو ته سنڌ جا ماڻھو پنھنجو درياھ بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن،حبيب الله پليجي چيو ته  سنڌيو پنھنجي دادلي درياھ جي مالڪي ڪيو،آصف زرداري ۽ ٻين وزيرن پنھنجون ملڪيتون ٻاھرين ملڪن ۾ ٺاھي ڇڏيون آھن. ھوڏانھن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا،ڪورنگي ڪراچي ۾  ايڊووڪيٽ عابد جوڻيجو، اياز ڄامڙو، اي ڊي گاڏهي، لال راهمو، ڪيلاش ڪمار، اشوڪ ڪمار، ممتاز راهمون ڪنڌڪوٽ ۾ ارصلاح بھلڪاڻي، فدا حسين مھمداڻي، شعيب علي ڊومڪي، سجاد بروهي، شاھ علي سھرياڻي، رحمت الله ڇڄڻ، سرور گاجاڻي، شاھد سھرياڻي،شوڪت ڀيو، راشد ڀيو، وزير بھلڪاڻي، غلام رسول گولو، رميش لال، نيڪ محمد سھرياڻي، سائين بخش جعفري، عبدالرزاق سبزوئي، ادب علي سھرياڻي  خيرپور ناٿن شاھ ۾ ايڊووڪيٽ مير کوسو، سومر چانڊيو ٺل ۾ فريد جعفري، اعجاز ڪنراڻي، عطا سنڌي ميرواھ گورچاڻي ۾ شوڪت نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، انور نوحاڻي، حسين خاصخيلي، مقصود ڀرڳڙي، ڪڙيو گنھور ۾ راجيش ڪمار، سڪندر مھيشوري، اشوڪ ڪمار، سائين بخش خاصخيلي قمبر ۾ ايڊوڪيٽ عنايت الله تونيو، ضلعي صدر اڪبر خاصخيلي، ذوالفقار ٻڌ، اسد سنڌي، انعام الله ڪانڌڙو، معشوق مرکنڊ، مدد مغيري، سجاد اڪبر، فراز خاصخيلي ، ڳڙھي خيرو ۾ جاويد جمالي، ظفر ڀٽي، نياز عمراڻي، عرض سنڌي ، مٺي شهر ۾ زاهد گل اوٺو، وجئه ساگر، پرشوتم پرمار، سريش ڪمار پرمار، زيد گل اوٺو، محبت خاصخيلي، صديق اوٺو، فدا خاصخيلي، عباس نهڙي، صدر نهڙي، سلطان نهڙي، پيارو حجام، وزير سميجو، ڀٽ شاھ ۾ ماجد خاصخيلي،ظفر خاصخيلي، نعيم خاصخيلي، فريد ملاح، دلدار اوڏ ۽ ٻين ريلي ڪڍي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار آڏو مظاھرو ڪيو. ڪنري ۾ ذڪريا سمون، خالد سمون، وسيم ڪپري، سيف الله سمون، ابراھيم، ياسين،  نواز شر، شفيق سمون، علي مردان ڪپري، آڪاش ميگھواڙ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪنري اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.