اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ، اسد قيصر جي پريس ڪانفرنس کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته هن جا گمراهه ڪندڙ بيان عوام جي حق ۾ ناهن، پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، ترسيلات زر 38 ارب ڊالر تائين پهچي ويون آهن، هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 2.1 ارب ڊالر ٿي ويو آهي، ۽ مهانگائي ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي،عطا تارڙ چيو ته برآمدات ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ لڳاتار مٿي وڃي رهي آهي ۽ معيشت ترقي ڪري رهي آهي۔ هن اسد قيصر کان سوال ڪيو: "ڇا اوهان کي هي حقيقتون قبول ناهن؟”
-
عوام حڪومت جي پاليسين مان مڪمل مطمئن آهي: رانا تنوير
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خوراڪ جي بچاءُ واري وفاقي وزير رانا تنويرچيو آهي ته عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي مدبرانه قيادت هيٺ پاڪستان کي هڪ عظيم رياست بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. رانا تنوير ڀارتي ايئر چيف جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته آپريشن بنيان مرصوص کي ٽي مهينا گذري ويا، ان کان پوءِ ڀارتي ايئر چيف جي اها دعوىٰ ته ڇهه پاڪستاني جهاز تباهه ڪيا ويا، مڪمل طور ڪوڙي ۽ کل جوڳي آهي. هن چيو ته ڀارت عالمي سطح تي اڪيلو ٿي چڪو آهي ۽ ڀارتي ايئر چيف جو بيان ان جي وائڙائپ جو نتيجو آهي. جنگون ڪوڙ سان نه، پر پيشورانه مهارت سان کٽي وينديون آهن. هر گذرندڙ ڏينهن مودي سرڪار لاءِ شرمندگي جو سبب بڻجي رهيو آهي.