سکر ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، پنا ميڙيندڙ معصوم نينگر بدفعلي بعد قتل

سکر(رپورٽ:آزاد مهر/ سيد نعيم شاھ)سکر ۾ جوابدارن نينگر سان زيادتي ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو، لاش گند جي ڍير تي اڇلايو ويو، ان ڏس ۾ سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد بچل شاهه آصف ڪالوني ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو ، جتي  وحشي جوابدارن پاران 13 ورهين جي آصف پٽ غلام اصغر مڱڻهار کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد هٿ پير ٻڌي قتل ڪري لاش گند جي ڍير تي اڇلي فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سکر ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پنا ميڙيندڙ 10 سالن جي  معصوم نينگر انصاف مڱڻهار کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻائي کيس قتل ڪري ڇڏيو،  جڏهن ته زيادتي بعد بيدردي قتل ڪيل پنا ميڙيندڙ نينگر جا هٿ پير ٻڌل، منهن تي ڪپڙو ويڙهيل ۽ شلوار پڻ لٿل هئي، جيڪا زيادتي ۽ تشدد جي نشاني ظاهر ڪري رهي هئي لاش ملڻ بعد علائقي ۾ ڏڪارو پکڙجي ويو ۽ وارث ۾ پڻ ڪهرام مچي ويو، پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ لاش جي پوسٽ مارٽم بعد سموري تفصيل جي خبر پئجي ويندي ۽ ان ڪڌي ڪم ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون آڏو آندو ويندو، ايس ايس پي سکر پڻ واقعي واري هنڌ پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ حد جي ايس ايڇ او کي حڪم ڪيو آهي ته جلد واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن سکر جي سول سوسائٽي ۽ ساڃاھ وندن جو چوڻ آهي ته هن افسوسناڪ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي افسوس آهي جو هتي ڪوبه محفوظ ناهي هنن چيو ته سکر ۾ ڏوھاري قسم جي ماڻهن مان پوليس جو ڀئو ختم ٿي ويو آهي جنهن ڪري سکر هاڻي ڏوهارين جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي پهريان ته چوريون، ڦرون،نشو عام هيو پر هاڻي اهڙي قسم جا واقعا به ٿي رهيا آهن، هن واقعو سکر ۾ وڌندڙ ڏوهن تي ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي، سکر جي شهرين سول سوسائٽي، ساڃاھ وندن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته سکر ۾ ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي واقعي جي اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سرعام عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.