ڪراچي (رپورٽر ) ڊائريڪٽر جنرل رينجرز (سنڌ) ميجر جنرل محمد شمريز چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي ۽ڪاروباري برادري ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊي جي رينجرز (سنڌ) ميجر جنرل محمد شمريز سائيٽ ايسوسيئيشن آف انڊسٽري ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ ايسوسيئيشن جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سائيٽ ايسوسيئيشن آف انڊسٽري جي سرپرست اعليٰ زبير موتي والا ۽ ميمبرن ڊي جي رينجرز (سنڌ) ميجر جنرل محمد شمريز جو استقبال ڪيو. ميمبرن سڀني دفاعي ۽ سيڪيورٽي ادارن کي تازي آپريشن بنيان المرسوس (سچائي جي جنگ) ۾ شاندار فتح تي مبارڪباد ڏني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، خاص طور تي پاڪستان رينجرز جي ڪردار ۽ شهر ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ ۾ شهيدن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. سنڌ رينجرز جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڊي جي رينجرز (سنڌ) ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي ۽ ڪاروباري برادري ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪراچي شهر ۾ عام طور تي ۽ خاص طور تي صنعتي علائقن ۾ سيڪيورٽي کي موثر بڻائڻ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي اولين ترجيح آهي. ان سلسلي ۾ صنعتڪار ۽ ڪاروباري ماڻهو بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجون ڪاروباري سرگرميون جاري رکن. ڊي جي رينجرز پوليس ۽ ٻين ادارن سان گڏجي هنگامي بنيادن تي ڪاروباري برادري جي مختلف خدشن کي حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
-
پنجاب جو پئسو پهرين لنڊن ۽ هاڻ پورچوگال منتقل پيو ٿئي: بئرسٽر سيف
پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئرسٽر سيف چيو آهي ته هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي مالي اسڪينڊل جو پتو پورچوگال ۾ لڳي ويو آهي، تنهن ڪري هن اسڪينڊل جي آزاداڻي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي عوام جي ٽيڪسن جو پئسو پهرين لنڊن ۽ هاڻ پورچوگال منتقل ڪيو پيو وڃي، جنهن سان اهم شخصيتن ملڪيتون خريد ڪيون آهن، جاچ کان پوءِ پنجاب جا 10 کرب رپيا پورچوگال مان ئي واپس ملي ويندا، جعلي حڪومت صرف اڍائي سالن ۾ 78 سالن جي ڪرپشن جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، خواجا آصف پنهنجي فرنٽ مين کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ جو شوشو ڇڏيو آهي، عوام جي ٽيڪسن جا پيسا ٻاهر منتقل ڪري محل تعمير ڪيا ويا آهن، پر انهن جو پيٽ ڀرجڻ وارو ناهي، عمران خان ڪرپشن جا پيسا واپس وٺي خزاني ۾ جمع ڪرايا هئا، پر هن جعلي حڪومت کي عوام جي ڪا به فڪر ناهي.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڪس ڪيڊر جي عهدن لاءِ جج نامزد ڪري ڇڏيا
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ خاص عدالتن ۽ ٽريبونلز لاءِ ايڪس ڪيڊر جي عهدن تي ججز جي نامزدگي مڪمل ڪري ڇڏي، ميمبر انسپيڪشن ٽيم-ون طرفان سيڪريٽري وزارتِ قانون ۽ انصاف کي نامزدگينبابت خط موڪليو ويو آهي، ميمبر انسپيڪشن ٽيم موجب، چيـف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي مختلف خاص عدالتن ۽ ٽريبونلز ۾ مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جهانگير احمد دايو، بينڪنگ ڪورٽ 7 ڪراچي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، رحمت الله مورو، بينڪنگ ڪورٽ لاڙڪاڻو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشابه قاضي بينڪنگ ڪورٽ 3 ڪراچي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امينه نذير انصاري، اسپيشل ڪورٽ اينٽي ڪرپشن 2، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ثريا محبوب، اينٽي انڪروچمينٽ ٽريبونل ڪراچي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شازيه آصف ليبر ڪورٽ 2، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظفر الله سولنگي، حددخلين بابت اسپيشل ڪورٽ حيدرآباد رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جاويد اقبال، ليبر ڪورٽ 7 لاڙڪاڻو، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد سعد قريشي، ڪسٽم ۽ اينٽي اسمگلنگ ڪورٽ 1، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد مشتاق لغاري، ڪسٽم ۽ اينٽي اسمگلنگ ڪورٽ 2، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جاويد احمد ڪيريو، بينڪنگ ڪورٽ 1، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ، شاهد پرويز ميمڻ، بينڪنگ ڪورٽ ڪراچي، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سيد نصيرالدين شاهه، بينڪنگ ڪورٽ 2 ڪراچي مقرر ڪيا ويا آهن.
-
پاڪ-افغان سرحد تي وڌيڪ 14 دهشتگرد مارجي ويا، ٻن ڏينهن ۾ انگ 47 ٿي ويو
راولپنڊي (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد تي ڪليئرنس آپريشن دوران فتنه الهندوستان جا وڌيڪ 14 دهشتگرد ماري ڇڏيا، جنهن بعد ٻن ڏينهن اندرمارجي ويل دهشتگردن جو انگ 47 ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، 8 ۽ 9 آگسٽ جي وچ واري رات ضلعي زوب جي علائقي سمبازا ڀرسان پاڪ-افغان سرحد تي ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ وڌيڪ 14 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ بارودي مواد هٿ آيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن ۽ پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ پاڪ-افغان سرحد وٽ داخل ٿيندڙ 33 دهشتگردن کي ماريو هو.
-
گهوڙا ٻاري لڳ پوليو جا وڌيڪ چار ڪيس ظاهر
گھوڙاٻاري (سيد امير شاهه ڀاڏائي) تعلقو کاروڇاڻ جي ڳوٺ يوسف ڪاتيار ۾ پوليو جا چار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد علائقي ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي. ڳوٺاڻن مطابق صحت کاتي جي عملي طرفان ويڪسين جي فراهمي ۽ نگراني ۾ لاپرواهي سبب سڀني ٻارن کي مڪمل ويڪسين نه ٿي ملي، جنهن سان بيماري پکڙجڻ جو خطرو وڌيو آهي. رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ويڪسين مهم تيز ڪري متاثر ٻارن جو علاج ڪيو وڃي، ته جيئن پوليو تي ضابطو آڻي سگهجي.
-
جشن آزادي تي جهنڊو جهولائيندڙ نوجوان هاڻي ويزا لائن ۾!
اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ جشن آزادي جون تياريون پنهنجي عروج تي پهچي ويون آهن، ان بابت سينيئر اداڪار نعمان اعجاز هڪ پاسي کي اجاگر ڪندي انتهائيدرد منداڻي انداز ۾ لکيو آهي ته جيڪي ٻار ڪڏهن 14 آگسٽ تي سائو جهنڊو، جهنڊيون ۽ بتيون لڳائيندا هئا، انهن جي اکين ۾ پاڪستان لاءِ روشن مستقبل ۽ هڪ مضبوط وطن جا خواب هوندا هئا، پر وقت سان گڏ جڏهن اهي ٻار وڏا ٿيا ته انهن خوابن جي جاءِ تي مايوسي، غربت، ڪرپشن، ناانصافي ۽ عدم تحفظ اچي ويو آهي، هاڻي اسين نوجوانن کي ويزا جي لائينن ۾ بيٺل ڏسي رهيا آهن، ڇو ته کين هتي ڪرپشن ۽ ميرٽ جي موت سبب مستقبل جي ڪا به اميد نظر نٿي اچي، هن واضح ڪيو ته هي رڳو هجرت ناهي، پر انهن جي خوابن جو جنازو آهي، اهڙا خواب جيڪي اسان پاڻ پنهنجي هٿن سان دفن ڪري ڇڏيا آهن، نعمان اعجاز جي بيان تي سوشل ميڊيا تي ردعمل به اچي رهيو آهي، هڪ نوجوان لکيو ته مان 14 آگسٽ عيد وانگر ملهايندو هئس، پر هاڻي مان صرف ڀڄڻ ٿو چاهيان، هڪ ٻئي لکيو ته هاڻي مان صرف نااميد آهيان، هڪ ٽئين نوجوان لکيو ته هي هڪ تلخ حقيقت آهي.