سکر/روهڙي (سيد نعيم شاهه/عبدالغفار ڇڄڻ) سکر ۾ واڳونءَ عورت کي چڪي نارا ڪئنال ۾ کڻي ويو پر بهادر مڙس واڳونءَ تي حملو ڪري زال کي بچائي ورتو. صالح پٽ ۾ نارا ڪئنال جي آر ڊي 86 وٽ ڪپر تي ڪپڙا ڌوئيندڙ 35 ورهين جي عورت تي واڳونءَ حملو ڪيو ۽ ڄنگهه کي چڪ هڻي کيس ڪئنال ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي مڙس حب علي ملاح جان جي پرواهه نه ڪندي وقت سر شاخ ۾ ٽپو ڏئي واڳونءَ کان زال کي بچائي ورتو. واڳونءَ عورت جي ڄنگهه کي چڪي سخت زخمي ڪري وڌو جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءَ آهي ۽ رهواسين مطالو ڪيو ته نارا ڪئنال مان واڳن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ انساني حياتيون بچايون وڃن.