جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه جبري گمشدگين جي ڪميشن جو سربراهه مقرر

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت جبري گمشدگين بابت انڪوائري ڪميشن جي ٻيهر تشڪيل ڪندي جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه کي نئون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو. عهدي سنڀالڻ بعد هن گمشدگيءَ جي مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪيا. ڪميشن کي مبينا جبري گمشدگين جا 10 هزار 607 ڪيس موصول ٿيا، جن مان 31 جولاءِ 2025 تائين 8 هزار 770 ڪيس (82 سيڪڙو) حل ڪيا ويا. جولاءِ ۾ نئين چيئرمين جي دور ۾ 70 ڪيس نمٽايا ويا ۽ 15 نيون شڪايتون رجسٽر ڪيون ويون. ڪميشن وفاقي حڪومت جي منظور ڪيل 50 لک رپين جي مالي امداد واري پيڪيج تي عملدرآمد به شروع ڪيو، ۽ مالي امداد جي سفارش لاءِ ٻه اجلاس به منعقد ڪيا. جسٽس (ر) نذر اڪبر کي ميمبر سنڌ، ريٽائرڊ جج محمد بشير کي ميمبر اسلام آباد ۽ جسٽس (ر) سيد افسر شاهه کي ميمبر خيبرپختونخوا مقرر ڪيو ويو. ڪميشن معاملا تيزي سان حل ڪرڻ لاءِ هڪجهڙي پاليسي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيئرمين ارشد حسين شاهه لاهور ۽ ڪراچي جو دورو ڪري 50 کان وڌيڪ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جتي صوبائي داخلا سيڪريٽرين ۽ پوليس سربراهن سان ملاقاتون ڪيون. هن صوبن، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جي گڏيل جاچ ٽيمز ۽ ٽاسڪ فورسز کان رپورٽون بروقت جمع ڪرائڻ تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.