اسلام آباد (اسد طور) بحريا ٽائون جي ملڪيتنجي نيلامي ۾ شفافيت تي سوال اٿيا آهن، جتي 2 ارب رپين جي قيمت رکندڙ ربريش مارڪي رڳو 50 ڪروڙ 80 لک رپين ۾ وڪرو ٿي وئي. نيب جي پريس رليز موجب، مارڪي جو واڪ 2 ڪروڙ رکيو ويو هو. صحافي اسد چوڌري موجب، مارڪي 57 ڪنالن تي ٻڌل آهي ۽ 9 ڪنالن تي تعمير ٿيل ڪمرشل علائقو آهي، جنهن جو مارڪيٽ اگهه گهڻو وڌيڪ آهي. هي ملڪيت اسلام آباد جي واپاري مصور عباسي خريد ڪئي، جيڪو غيرقانوني هائوسنگ سوسائٽي ۽ آزاد ڊجيٽل سميت ڪجهه ڊجيٽل پليٽ فارمن جو مالڪ آهي، ۽ مبينا طور تي اسٽيبلشمينٽ سان ويجها لاڳاپا رکي ٿو. سوال اٿن ٿا ته مصور عباسي وٽ آزاد ڊجيٽل ۾ سيڙپڪاري لاءِ وڏي رقم ڪٿان آئي ۽ ڇا کيس هي ملڪيت خاص سهولت سان ڏني وئي، نيب چيئرمين کان پڇڻ گهرجي ته ڇا واڪ ڏيندڙن جي ڇنڊڇاڻ ٿي يا نه، ۽ ڇا نيلامي ۾ ڪنهن قسم جي ڪرپشن يا ڏيتيون ليتيون ته ناهن؟