حيدرآباد(رپورٽر) ضياء الحق جي آمريت وارن ڏينهن ۾ ٽارچر سيلن جون سختيون ڏئي شهيد ڪيل عظيم انقلابي اڳواڻ شهيد نذير عباسي جي 45 هين ورسي اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملهائي پئي وڃي. عوامي ورڪرز پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران اڄ 9 آگسٽ تي ڇنڇر ڏينهن شام پنجين وڳي عاصم آخوند ھال ماروي شادي لان واڌو واھه روڊ تي تقريب ٿيندي. انقلابي اڳواڻ شھيد نذير عباسي جي ورسي جي موقعي تي مختلف وفد سخي حسن قبرستان نارٿ ناظم آباد ڪراچي پھچي شھيد جي مزار تي گلن جون چادرون پڻ چاڙھيندا. جڏهن ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ شام جو چار وڳي تقريب رٿيل آھي. اهڙي طرح سکر ۽ گھوٽڪي سميت ٻين شهرن ۾ به تقريبون رٿيل آھن. 10 آگسٽ آچر ڏينهن تي شام جو پنجين وڳي حيدرآباد روشن خيال فورم پاران سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي هال ۾ "کاٻي ڌر جي سياست: ماضي, حال ۽ مستقبل” جي موضوع سان ورسي تقريب ٿيندي. جنهن جي خاص مهمان شهيد نذير عباسي جي وني حميده گهانگهرو هوندي. 16 آگسٽ تي سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان چمبڙ ۾ تقريب ٿيندي.