ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ پلاسٽڪ شاپنگ بيگ ٺاهيندڙ ٻن نجيڪمپنين پاران پابندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواستگذارن کي عدالت جي وقت جو خيال رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن هڪ درخواستگذار تي 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي، توهان به اها صورتحال ذهن ۾ رکو ته توهان سان به ايئن ٿي سگهي ٿو، عدالت اچڻ کان پهريان پنهنجن خدشن بابت کاتي سان رابطو ڪريو، درخواستگذارن جي وڪيل پنهنجي درخواستگذار سان هدايت لاءِ مهلت طلب ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پابندي کان پهريون اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت نه ڪئي وئي، اوچتو لاڳو ڪيل پابندي سان تيار مال جي ترسيل ممڪن ناهي رهي، پابندي سبب انڊسٽري سان لاڳاپيل هزارين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، سيپا جي وڪيل چيو ته پلاسٽڪ شاپنگ بيگز تي پابندي عالمي سطع تي به موجود آهي، بنگلاديش ۽ سريلنڪا سميت خطي ۾ ٻين ملڪن به پلاسٽڪ بيگز تي پاپندي لڳائي ڇڏي آهي، وزيرآعظم سيڪريٽريٽ پاران به پلاسٽڪ بيگز تي پابندي جي هدايت جاري ڪئي آهي، اهو مسئلو صرف سنڌ نه پر سموري ملڪ جو آهي، پلاسٽڪ جي اٺ قسمن مان صرف ٻن قسمن خلاف پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، سيپا جي وڪيل چيو ته مقامي سطع تي صرف 20 سيڪڙو پلاسٽڪ بيگز تيار ڪيون پيون وڃن.