ڪراچي (پ ر)وزيراعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن بابت خاص معاون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي وِنگ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر غلام نبي ميمڻ سان صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت هڪ اهم اجلاس ڪيو۔ اجلاس ۾ پي پي پي منارٽي ونگ ڊويزن ڪراچي جي صدر مشتاق مٽو، ڊويزن سکر جي صدر مکي ايشور لعل ماکيجا، ڊويزن شهيد بينظيرآباد جي صدر چندو مل سوچي، ڊويزن ميرپور خاص جي صدر رميش ڪمار مالهي، ڊويزن حيدرآباد جي صدر دليپ ڪمار رامچنداڻي، ڊويزن لاڙڪاڻي جي انفارميشن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مولچند مڪواڻا ۽ پوج هندو پنچائت لاڙڪاڻي جي اڳوڻي چيئرپرسن ڪلپنا ديوي پڻ شرڪت ڪئي۔اجلاس ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ خاص طور تي اقليتي برادري کي پيش ايندڙ مسئلن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي آءِ جي سنڌ کي اقليتي برادري خلاف وڌندڙ ڏوهن بابت آگاهه ڪندي مطالبو ڪيو ته انهن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، هن چيو ته حڪومت سنڌ جي ترجيحن ۾ اقليتن جو تحفظ سرفهرست آهي، اقليتي اڳواڻن پاران پريا ڪُماري جي بازيابي لاءِ فوري ۽ ڀرپور قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ يقين ڏياريو ته پوليس هر شهري جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، هن سڀني ڊي آءِ جيز کي هدايت ڪئي ته پنهنجي ضلعن ۾ پي پي پي منارٽي ونگ جي ڊويزنل صدرز سان هر مهيني ملاقات ڪن ۽ اقليتي عبادتگاهن، رهائشن ۽ تقريبن جي سيڪيورٽي هر حالت ۾ يقيني بڻائين، آءِ جي سنڌ واضح ڪيو ته ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.