ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر( نمائندا / پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف چوٿين ڏينھن به سنڌ جي مختلف مختلف شھرن ۾ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ ملير جي گھگڙ ڦاٽڪ ۾ اشفاق چنڙ، فياض اُتيرو، سينگار بليدي، سجاد لاشاري ۽ اويس ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ حسيني چوڪ کان ريلي ڪڍي ٺٽو ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. وارھ ۾ ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي سجاد اڪبر مُغيري معشوق مرکنڊ جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مُظاهرو ڪيو. کروھي ۾ لطف ميان شر، ذوالفقار شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بخشاپور۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي، فدا حسين محمداڻي، شعيب علي ڊومڪي، سجاد بروهي، مکي نريش لال، روھت ڪمار ڇاٻڙيا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.ڏوڪري ۾ ايڊووڪيٽ جميل ميمڻ، ممتاز سومرو، ذيشان کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خانپور ۾ نھال ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مقصودو رند ۾ محمود رخشاڻي، صدام کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ تي ڪوبه ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناهي، ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر ھزارين ايڪڙ زمين ڌارين ماڻهن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ اقليت م تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جي ڪري گھڻ طرفن مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي 18 سالن جي اقتداري دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪيو آھي. يونين ڪائونسل، زڪوات، ايريگيشن، خوراڪ، زراعت، صحت، تعليم سميت ھر کاتو ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي ڪو به حساب ڪتاب ناھي، ٻي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي پنھنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي سنڌ جي وحدت تي ڪوبه وار برداشت نه ڪيو ويندو، وفاق ڪراچي سميت سامونڊي پٽي ۽ ٿر ۾ موجود معدنيات تي مڪمل قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، وفاقي اقتصادي زون يا اسٽريٽجڪ اقتصادي بيلٽ جي نالي تي خطو پيپلزپارٽي اقتدار جي خاطر وفاق جي حوالي ڪرڻ چاهي، پيپلزپارٽي ڪرسي جي خاطر سڄي سنڌ وڪڻي سنڌ جا وسيلا نيلام ڪري سگهي ٿي، سنڌ جو عوام جيڪڏهن هن وقت سجاڳ نه ٿيو ته سنڌ مڪمل ڌارين جي حوالي ٿي ويندي ۽ سنڌ جو عوام پٿر واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور هوندو.