قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو خالي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان اعلان ڪيو ويو ته ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو هاڻي خالي آهي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي مخالف عدالت 9 مئي وارن ڪيسن ۾ عمر ايوب کي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن اختلاف شبلي فراز سميت 9 ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو هو، ذريعن موجب اسپيڪر قومي اسيمبلي نئين اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا آزاد ميمبر پارلياماني ليڊر ۽ ڊپٽي پارلياماني ليڊر لاءِ ٻيهر نالا نامزد ڪندا، عمر ايوب کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي فنانس ڪميٽي مان به خارج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي نااهل 7 ميمبرن کان  قائما ڪميٽين جي ميمبرشپ واپس وٺي وئي آهي، مجموعي طور تي پي ٽي آءِ جي 7 ميمبرن کان 15 قائمہ ڪميٽين جي رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي، ان سان گڏ صاحبزادا حامد رضا کان انساني حقن بابت قائما ڪميٽي جي چيئرمين شپ، زرتاج گل کان انساني حقن واري ڪميٽي جي رڪنيت، ۽ راءِ حسن نواز کان ريلوي ڪميٽي جي چيئرمين شپ واپس ورتي وئي آهي.

  1. هراسمينٽ ڪيس، مونس علوي 25 لک رپيا هاءِ ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي پاران عورت کي هراسان ڪرڻ واروڪيس جي ٻڌڻي ٿي . سي اي او ڪي اليڪٽرڪ مونس علوي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، وڪيل عابد زبيري چيو ته مونس علوي 25 لک رپيا ڏنڊ جا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي محتسب جي حڪم ۾ جزوي معطلي کي 12 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، متاثر عورت جي وڪيل چيو ته مونس علوي سنڌ جي گورنر وٽ سندس خلاف اپيل به داخل ڪئي، عدالت چيو ته ٺيڪ آهي، اسان درخواست کي اڪلائينداسين، گورنر اپيل تي پنهنجو فيصلو ڏئي، درخواستگذار متاثر عورت جي وڪيل چيو ته هي درخواست ٻڌڻ جوڳي ناهي، صوبائي محتسب اعلي جي وڪيل بئريسٽر ايان چيو ته گورنر کي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي، هي هڪ اڳوڻو سيشن جج آهي ۽ هن بيان به رڪارڊ ڪيا هئا، هو هتي ڪيئن پيش ٿي سگهي ٿو؟ عدالت چيو ته ڇا توهان ثبوت رڪارڊ ڪيا آهن؟ سنڌ جو گورنر اپيل ٻڌي سگهي ٿو اسان کيس ڇو روڪيون؟ ٻڌڻي دوران متاثر عورت ۽ صوبائي محتسب لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.