لاهور(م ڊ) بچاءُ واري وزيرِ خواجا آصف، مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن ميڊيا تي خواجه آصف جي استعفيٰ بابت هلچل ٿيڻ کان پوءِ، هن سماجي ميڊيا تي ان جي ترديد ڪئي هئي۔ جنهن کان پوءِ جمعي جي ڏينهن بچاءَ واري وزيرِ اڳوڻي وزيرِاعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي. ٻنهي اڳواڻن جي اهم ملاقات ۾ باهمي دلچسپي وارن معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.