مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي)مڪلي جي ورڪشاپ واري علائقي ۾ ھڪ دڪان تي ڊبو گيم کيڏڻ دوران خشڪ برادري جي ٻن ڌرين جينوجوانن ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي، جنھن بعد ھڪ ڌر جي نوجوانن گوليون ھڻي ايس يو پي ضلعي ٺٽي جي صدر عمران خشڪ جي ڀاءُ اياز خشڪ کي قتل ڪري ڇڏيو، مڪلي پوليس جي لاش کي سول اسپتال مڪلي آندو جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، قتل ٿي ويل نوجوان اياز خشڪ جي ڀاءِ ايس يو پي ضلعي ٺٽي جي صدر عمران خشڪ جو چوڻ ھو ته سندس ڀاءُ اياز خشڪ مڪلي ورڪشاپ ۾ ھڪ دڪان تي ويٺل ھو جتي سندس برادري جي هٿياربند نوجوانن بلاجواز گوليون هڻي کيس قتل ڪري سندس گھر اجاڙي ڇڏيو آھي، ھن گھر ڪئي ته فورن سندس ڀاءُ جا قاتل جوابدار گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف مڪلي پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن شڪي نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.
، مڪلي پوليس موجب جيئن ئي مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.