ڪشمور واسي نينگر فيضان نائچ بازياب

ڪشمور ( ڊر) ڪشمور واسي نينگر فيضان نائچ عيسيٰ نائچ کي ڪشمور پوليس پاران گيھلپور حاجي خان شر ٿاڻي جيحد ڪچي واري علائقي مان ھلندڙ پوليس آپريشن دوران بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي. ڪشمور ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو موجب مغوي فيضان نائچ ۽ محمد عيسيٰ نائچ کي ڪچي جي ڏوھارين سان مقابلي دوران بازياب ڪرائي ورتو مغوين کي ڪجهه وقت 45 آرڊي بيگاري فيڊر ڀرسان لنڪ روڊ تان ھٿياربندن ٻنهي ڄڻن کي موٽرسائيڪل تان لاھي اغوا ڪري ويا هئا جنهن بعد ڪشمور پوليس ۽ رينجرس پاران گيھلپور ئ حاجي خان شر ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو هو ڏوهارين جا ٿاڪ تباهه ڪيا ويا ڪيترائي ڏوهاري پوليس جي ھلندڙ آپريشن دوران زخمي ٿيا اڄ ڳجهي اطلاع تي رينجرس ۽ پوليس ڪارروائي ڪندي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي وارثن ۾ مغوين جي بازيابي جي اطلاع تي خوشي وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.