مظاهرين تي تشدد ۾ ملوث پوليس آفيسر جي بدلي خلاف درخواست رد

ڪراچي(رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ احتجاج دوران تشدد جي الزام ۾ ملوث اسٽيل ٽائون جي اڳوڻي ايس ايڇ او علڻ عباسيجي بدلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پوليس آفيسر جي ٽرانسفر خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل صفدر ڏيپر چيو ته کاتي ۾ بدلي ۽ مقرري لاڳاپيل عملدارن جو حق آهي، عدالت چيو ته مقرر وقت کان پهريون بدلي ڪرڻ لاءِ جائز سببن جو هئڻ لازمي آهي.وڪيل جو چوڻ آهي ته  رڪارڊ موجب  درخواستگذار کي ٻه شوڪاز نوٽيس جاري ٿيا, درخواستگذار خلاف ادارتي ڪارروائي به ٻڌڻي هيٺ آهي, عدالت چيو ته آ۽ جي سنڌ کي سختي سان هدايت ڪئي ٿي وڃي ته هو اعلي’ تعليمي يافتا ۽ سٺي ساک رکندڙ ايس ايڇ اوز مقرر ڪري اهڙي آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي جنهن جو رڪارڊ شفاف هجي، آءِ جي سنڌ عدالت جي هدايت کي نظرانداز نه ڪري، پوليس آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون کاتي جو اندروني انتظامي معاملو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.